سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو

0
112

سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، اسپيڪر آغا سراج دراني نون چونڊيل ميمبرز کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ حلف کڻايو

 168 ميمبرز جي ايوان ۾ اڄ 148 ميمبرز حلف کنيو، اليڪشن ڪميشن 163 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪي

جي ڊي اي جي 3، جماعت اسلامي جي هڪ ۽ 9 آزاد اميدوارن احتجاج طور حلف نه کنيو، نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ شرجيل انعام ميمڻ سميت پيپلز پارٽي جي 114 ميمبرز حلف کنيو،ايم ڪيو ايم جي 36 ميمبرز به حلف کڻي ورتو

پيپلزپارٽي جي نامز د وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، وڏي وزير جي چونڊ 26 فيبروري سومر ڏينهن ٿيندي

هي به پڙهندا

سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي، گرفتاريون