قاضي احمد: اغوا ڄاڻايل ناريءَ جي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ لوڪيشن ملڻ جو انڪشاف

0
56
قاضي احمد: اغوا ڄاڻايل ناريءَ جي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ لوڪيشن ملڻ جو انڪشاف
قاضي احمد: اغوا ڄاڻايل ناريءَ جي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ لوڪيشن ملڻ جو انڪشاف

قاضي احمد ڀرسان 8 مهينن کان اغوا ڄاڻايل ناريءَ جي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ لوڪيشن ملڻ جو انڪشاف

وارثن پاران گهوٽڪي جي کينجهو پوليس تي جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جا الزام، ڳوٺ هاشم راهو مان اغوا ڄاڻايل ناري ثناءَ راهو جا وارث 20 ڏينهن کان قاضي احمد ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺل

وارثن الزام هنيو آهي ته ثناءَ راهو گهوٽڪي جي کينجهو ٿاڻي جي ڪچي واري ڳوٺ حاجي شيرمحمد لنڊ ۾ قيد آهي

گذريل ڏينهن ڊي ايس پي قاضي احمد زاهد حسين ميراڻي مغوي ناري جي وارث امجد راهو سان گڏ کينجهو ٿاڻي تي پهچي ڳوٺ ۾ ڪارروائيءَ لاءِ مدد طلب ڪئي پر کينجهو پوليس ناريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪارروائيءَ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

ڊي ايس پي ڪارروائيءَ بنا واپس قاضي احمد موٽي آيو، ناري ثناءَ راهو جي وارثن جو الزام آهي ته سردار خالد لنڊ جا ماڻهو سندن نياڻيءَ کي اغوا ڪري ويا آهن