ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار گهربل اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو، ٻيهر چونڊون ٿينديون

0
33
ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار گهربل اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو، ٻيهر چونڊون ٿينديون
ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار گهربل اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو، ٻيهر چونڊون ٿينديون

ايران ۾ شروعاتي صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن بعد ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

عرب ميڊيا موجب ايران جي گهرو وزارت تصديق ڪئي آهي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار جي اڪثريت (50 سيڪڙو ووٽن) حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب صدارتي چونڊون ٻيهر 5 جولاءِ تي ٿينديون. صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مسعود پاشڪيان ۽ سعيد جليلي وچ ۾ مقابلو ٿيندو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪالهه جي چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن انهن مان مسعود پاشڪيان لڳ ڀڳ 14 لک ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته سندس مضبوط حریف سعيد جليلي 9.5 ملين ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي

ايران جي صدارتي چونڊن ۾ محمد باقر 3.4 ملين ووٽن سان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته مصطفيٰ محمدي صرف 2 ملين ووٽ کڻي سگهيو

ايران ۾ شروعاتي صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن بعد ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

عرب ميڊيا موجب ايران جي گهرو وزارت تصديق ڪئي آهي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار جي اڪثريت (50 سيڪڙو ووٽن) حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب صدارتي چونڊون ٻيهر 5 جولاءِ تي ٿينديون

 صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مسعود پاشڪيان ۽ سعيد جليلي وچ ۾ مقابلو ٿيندو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪالهه جي چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن

انهن موجب مسعود پاشڪيان لڳ ڀڳ 14 لک ووٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته سندس مضبوط حریف سعيد جليلي 9.5 ملين ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي