نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

0
55

اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا، ٻنهي ڀائرن کي پاڪستان پهچڻ تي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

حسن ۽ حسين نواز جي 12 مارچ تي پاڪستان واپسيءَ جا دڳ کلي ويا، اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا العزيزيه، فليگ شپ ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ حسن ۽ حسين نواز جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

نواز شريف جي پٽن جو وڪيل قاضي مصباح ۽ نيب جا پراسيڪيوٽرز عدالت آڏو پيش ٿيا، نيب جي پراسيڪيوٽرز چيو ته دائمي وارنٽس جي معطلي لاءِ جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ٿيڻو پوندو

، حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل قاضي مصباح دليل ڏيندي چيو ته حسن ۽ حسين نواز 12 مارچ تي پاڪستان اچي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيڻ چاهين ٿا

 ان کان اڳ هو پيش نه ٿا ٿي سگهن، ٽنهي ريفرنسز ۾ ٻيا جوابدار بري ٿي چڪا آهن، حسن ۽ حسين نواز کي روپوش قرار ڏيندي سندن دائمي وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، عدالت حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا