مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وڏو وزير نامزد، اويس قادر شاهه اسپيڪر هوندو: بلاول

0
100
پيپلزپارٽي پاران وفاقي بجيٽ بابت حڪومت پاران اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار
پيپلزپارٽي پاران وفاقي بجيٽ بابت حڪومت پاران اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار

بلاول ڀٽو زرداري مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اويس قادر شاهه کي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ نويد انٿوني کي ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار لاءِ نامزد ڪيو آهي

بلاول ڀٽو زرداري بلاول هائوس ڪراچي ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه، اويس قادر شاهه ۽ نويد انٿوني جي نامزدگين جو اعلان ڪيو

بلاول چيو ته آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر طور پنهنجا فرض سٺي نموني ادا ڪيا، سنڌ جي عوام جي اميدن تي پورو لهندي وڌيڪ خدمت ڪنداسين، سڀاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبر حلف کڻندا