جي ڊي اي جو سڀاڻي ڌرڻي جو اعلان، ڪارڪنن کي اسيمبلي ٻاهران پهچڻ جي هدايت

0
48

جي ڊي اي سڀاڻي حلف برداري جي موقعي تي  سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

جي ڊي اي پاران ڪراچي ۾ مشاورتي اجلاس دوران عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج تحريڪ جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو آهي

جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته سڀاڻي يارهين وڳي سموري جماعتن پاران سنڌ اسيمبلي ٻاهران  ڌرڻو هنيو ويندو

جي ڊي اي، جماعت اسلامي  ۽ پي ٽي آءِ جا نمائندا حلف نه کڻندا، هن جعلي اليڪشن کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي

جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي چيو ته ضرورت پوڻ تي پير پاڳارو به احتجاجي تحريڪ ۾ شريڪ ٿيندو

جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو پاران ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي سڀاڻي سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي