ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن تيز

0
33
ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن تيز
ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن تيز

ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيڻ بعد دراني مهر جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن تيز ڪري ڇڏيو، ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٿاڪ ساڙي رک ڪري ڇڏيا

 ايس ايس پي بشير احمد بروهي چيو آهي ته ڌاڙيلن کان شهيد ٿيل اهلڪارن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين، هاڻي ڏوهاري جيل ۾ هوندا يا قبرستان ۾ هوندا، ڏوهارين وٽ باندي بڻيل سمورا مغوي بازياب ڪرائڻ تائين آپريشن جاري رهندو

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث ڌاڙيلن جي ڀيو گينگ جو مڪمل خاتمو آندو ويندو، پوليس دراني مهر جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي اچ وڃ جا سمورا دڳ ۽ لنگهه سيل ڪري ڇڏيا

گذريل ڏينهن ڌاڙيلن پاران ددڙ پوليس چوڪي تي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار زخمي ٿيا هئا