ڪراچي ۾ هاڪس بي تي پڪنڪ لاءِ ويندڙ شهرين سان حادثو، 4 ٻار ۽ 3 عورتون فوت، 4 زخمي

0
32
ڪراچي ۾ هاڪس بي تي پڪنڪ لاءِ ويندڙ شهرين سان حادثو، 4 ٻار ۽ 3 عورتون فوت، 4 زخمي
ڪراچي ۾ هاڪس بي تي پڪنڪ لاءِ ويندڙ شهرين سان حادثو، 4 ٻار ۽ 3 عورتون فوت، 4 زخمي

ڪراچي ۾هاڪس بي تي پڪنڪ لاءِ ويندڙ شهرين سان حادثو، 4 ٻار ۽ 3 عورتون فوت، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 افسوسناڪ حادثو ماڙيپور  اڏي جي گيٽ نمبر 6 ماما گدام ڀرسان پيش آيو، تيز رفتار ڪوسٽر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي ڪلٽي

 عورتن ۽ ٻارن سميت 7  ڄڻن ٿڏي تي دم ڏنو، فوتين  ۾ 40 ورهين جي صغريٰ زال غلام علي، سعديه زال احمد شامل، 6 سالن جي سڪينه، 4 سالن جي زينت، 10سالن جي ڪنزه ۽ 14سالن جو قدير شامل آهن

 پوليس موجب ڪوسٽر ۾ سوار ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ هاڪس بي وڃي رهيا هئا، فوتين جا لاش ۽ زخمي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا