کپري ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ خدابخش درس جو قتل ڪيس 6 جوابدارن خلاف داخل

0
142
کپري ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ
کپري ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ

کپري ۾ هڪ پاسي ماتم، ٻئي پاسي جشن، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل فنڪشنل  ليگ اڳواڻ خدابخش درس جو قتل ڪيس 6 جوابدارن خلاف داخل

کاهي ٿاڻي تي رستم درس جي مدعيت ۾  مري برادري جا 6 ماڻهو ايف آءِ آر ۾ جوابدار  نامزد، جوابدارن ۾ علي حسن مري، ڪنڊو، صحبت، گل محمد، فيض محمد ۽ شير محمد مري شامل آهن

 گذريل ڏينهن خدابخش درس ۽ سندس محافظ خالق ڏنو درس کي قتل ڪرڻ بعد جوابدارن طرفان جشن  ملهائڻ واري وڊيو به وائرل

 وڊيو ۾ مري برادري جا ماڻهو جشن ملهائيندي ۽ جوابدار صحبت مري کي پٽڪو ٻڌرائيندي نظر اچن ٿا، پلاند ڪري ايندڙن کي اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا

جشن جو انتظام ڪندڙ سهراب عرف سرو مري منشيات جي بين الصوبائي ڪاروبار ۽ ايڪسائيز جي هڪ انسپيڪٽر جي قتل سميت مختلف ڪيسن ۾ نامزد آهي، مري برادري جي نوجوانن جوابدارن سان سيلفيون ڪڍي ٽڪ ٽاڪ وڊيو به ٺاهي