عمران خان جي آزاديءَ سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: بچاءَ وارو وزير

0
11
عمران خان جي آزاديءَ سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: بچاءَ وارو وزير
عمران خان جي آزاديءَ سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: بچاءَ وارو وزير

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي آزاد ٿيڻ سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي

برطانوي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته سياست ۾ اُٿل پٿل ايندا آهن، انهن کي خطرو نه سمجهيو وڃي

هن چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ باني وزيراعظم جي ڳالهين جي آڇ کي سنجيدگي سان وٺندا، حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته عمران خان جي آزاد ٿيڻ کان ڪو به خطرو ناهي

هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن سياسي قوتون گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون ته ملڪ جي بهتري لاءِ رستو ڳولين ته اسٽيبلشمينٽ کي ڪهڙو اعتراض هوندو

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي ۽ چيو هو ته جيڪڏهن اڄ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي ڪو مسئلو آهي ته اچي ويهي ڳالهائي