عمران-بشريٰ نڪاح ڪيس: سزا معطلي بابت 10 ڏينهن ۽ اپيلن تي مهيني ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم

0
22
عمران-بشريٰ نڪاح ڪيس: سزا معطلي بابت 10 ڏينهن ۽ اپيلن تي مهيني ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم
عمران-بشريٰ نڪاح ڪيس: سزا معطلي بابت 10 ڏينهن ۽ اپيلن تي مهيني ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي جي درخواستن تي 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ ۽ اپيلن تي هڪ مهيني ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي. وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل ڏيندي چيو ته پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺو ته جج ڪيس ائين اچانڪ ملتوي ڪيو هجي، سيشن جج کي فيصلو ٻڌائڻو هو

اسان جي استدعا آهي ته عدالت سيشن جج شاهه رخ ارجمند پاران محفوظ فيصلو ٻڌائڻ جي هدايت ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ هاءِ ڪورٽ پاڻ اپيلن کي ٻڌي فيصلو ڪري يا هي اپيل سيشن جج ويسٽ کي ٽرانسفر ڪئي وڃي

عدالت سيشن جج لاءِ اپيل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ وقت مقرر ڪري. ٻن ڏينهن ۾ ٽرائل ٿيو هاڻي اپيلون به اهڙي طرح ٻڌيون وڃن. پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته خاور مانيڪا جج تي اعتراض ڪيو آهي

عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي. خاور مانيڪا ٻيهر اعتراض ڪيو ته سيشن جج معاملو هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ ايڊمنسٽريٽر سائيڊ تي هي اپيلون ايڊيشنل سيشن جج ويسٽ کي موڪليون هيون هن عدالت جي ايڊمسنٽريٽر آرڊر کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي. خاور مانيڪا جي وڪيل اپيل ايڊيشن سيشن جج کان سيشن جج کي ٽرانسفر ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. وڪيلن جا دليل ٻڌي عدالت سيشن ڪورٽ کي 10 ڏينهن اندر سزا معطلي جي درخواستن تي فيصلو ڪرڻ ۽ اپيلن تي هڪ مهيني ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي