پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ناڪام: بلاول سان نقوي ۽ اچڪزئي جون ملاقاتون: وزيراعظم شهباز فضل الرحمان وٽ پهچي ويو

0
62
پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ناڪام: بلاول سان نقوي ۽ اچڪزئي جون ملاقاتون: وزيراعظم شهباز فضل الرحمان وٽ پهچي ويو
پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ناڪام: بلاول سان نقوي ۽ اچڪزئي جون ملاقاتون: وزيراعظم شهباز فضل الرحمان وٽ پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وفاقي حڪومت لاءِ بجيٽ جي منظوري مٿي جو سور بڻجي وئي، حڪومتي حامين ۽ مخالفن ۾ رابطا تيز، بجيٽ بابت پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ناڪام، بلاول سان گهرو وزير محسن نقوي ۽ محمود اچڪزئي جون ملاقاتون، وزيراعظم شهباز شريف فضل الرحمان وٽ پهچي ويو

تفصيل موجب پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور به بنا نتيجي ختم ٿي ويو، ڳالهين دوران نواز ليگ پاران اسحاق ڊار، رانا ثناءُ الله ۽ اياز صادق شريڪ ٿيا، پ پ وفد ۾ يوسف رضا گيلاني، نويد قمر ۽ شيري رحمان شامل هئا،

ڳالهين بعد سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته چاهيون ٿا جيڪي لکت ۾ معاملا طئه ٿيا، اُهي پورا ڪيا وڃن، بجيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي راءِ شامل ڪئي وڃي، رڳو بجيٽ جو معاملو نه آهي، اسان پهرين به چيو هو ته پنجاب ۾ اسپيس گهرجي، ڪجهه نقطن تي عمل ٿيو آهي، پر ڪجهه نقطا رهيل آهن، گيلاني چيو ته ڪجهه مسئلا آهن اهي هڪ ويهڪ سان حل نه ٿيندا، ڪجهه مسئلا وزيراعظم بابت آهن، ڪجهه وزيراعليٰ بابت آهن

واضح رهي ته  پيپلز پارٽي بجيٽ تجويزن بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو، بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. ذريعن موجب حڪومت ۽ پ پ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڃا تائين ڊيڊلاڪ برقرار آهي، پ پ پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم لاءِ پ پ پاران جيڪي مطالبا رکيا وڃن ٿا ته ڇا وزيراعظم انهن مطالبن کان لاعلم آهي يا ڄاڻي واڻي اڻڄاڻ بڻجي رهيو آهي

ڳالهين ۾ شامل پ پ اڳواڻ شيري رحمان نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڳالهين ۾ هيل تائين اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي ها، هاڻ گهڻي دير ٿي وئي آهي، سياست ۾ ٽائمنگ تمام اهم هوندي آهي، اسان جو ن ليگ سان لکت ۾ معاهدو هو، اسان انهن کي بليڪ ميل ته نه ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته حڪومت سان اتحاد ڪرڻ وقت معاهدو ڪيو هو، جنهن تحت اسان کي اتحادي وانگر ڏسندا، صرف سنڌ نه پر چئني صوبن جي پي ايس ڊي جي ڳالهه آهي، پنجاب ۾ ٻين اتحادين جون اسڪيمون آيون آهن پر پي پي جون ناهن

هن چيو ته اسان غير استحڪام ڪرڻ ۾ يقين نٿا رکون پر ان سطح تائين ڳالهه نه پهچڻ گهرجي ها، هڪ سوال تي هن چيو ته پ پ بجيٽ ۾ ووٽ ڏيندي يا ان جو فيصلو قيادت ڪندي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ٿي، ذريعن موجب ڏيڍ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت اها ملاقات جاري رهي، ملاقات زرداري هائوس ۾ ٿي

ذريعن موجب ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ خاص طور بجيٽ جي حوالي سان پ پ پاران جيڪو احتجاج ڪيو پيو وڃي ان معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، پ پ چيئرمين پاران محسن نقوي کي پارٽي جي موقف کان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول سان اڳوڻي وزيراعليٰ ڪي پي محمود خان اچڪزئي ۽اي اين پي اڳواڻ ثمر هارون بلور به ملاقات ڪئي. سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون

واضح رهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان پاران سياسي پارٽين سان ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي کي ڏنو ويو هو. جڏهن ته حڪومت پاران سياسي ماحول ٿڌو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، پي ٽي آءِ سان جي يو آءِ جي ويجهڙائي وڌڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ لاءِ سندس گهر پهچي ويو، وزيراعظم پاران سياسي مسئلا گڏيل سهڪار سان حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي خيرت معلوم ڪندي سندس ديني خدمتن جي ساراهه ڪئي، وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سدائين جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ پُرامن جدوجهد کي هٿي وٺرائِي آهي.