وڌندڙ دهشتگردي پاڪستان جي معيشت ۽ سلامتي کي سڌو سنئون متاثر ڪري رهي آهي: نيول چيف

0
22

ڪراچي: پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته تيزي سان بدلجندڙ علائقائي جيو پوليٽڪس ۽ وڌندڙ دهشتگردي پاڪستان جي معيشت ۽ سلامتي کي سڌو سنئون متاثر ڪري رهي آهي

پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ 121 هين مڊ شپ مين پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي جنهن ۾ 70 مڊ شپ مين ۽ 28 ايس ايس سي ڪيڊٽس گريجوئيشن ڪئي.

پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي نيول چيف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خاتمي جي طاقت رکي ٿي ۽ ان لاءِ پرعزم آهي

هن چيو ته هندي سمنڊ پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري مستقبل ۾ ڇڪتاڻ جو امڪاني ميدان بڻجي اڀري رهيو آهي، ان صورتحال جا اثر خطي ۽ ان کان ٻاهر به ٿي سگهن ٿا، پاڪ بحريه سامونڊي سيڪيورٽي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪري رهي آهي

نيول چيف چيو ته هنگور ڪلاس آبدوز جو حصول پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ انتهائي اهم آهي، هنگور ڪلاس آبدوز جي شموليت سان خطي ۾ پاڪستان نيوي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، هنگور ڪلاس آبدوز جديد اسٽيلٿ فيچرز سان ليس آهي. هي آبدوز گهڻ رخي خطرن کي منهن ڏيڻ جي قابل آهي

هن وڌيڪ چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس پليٽ فارم ۽ ٻيون ٽيڪنالاجيون ڇهين نسل جي جنگ جو اشارو ڏئي رهيون آهن، پاڪستان کي اندروني ۽ بيروني محاذن تي گهڻ رخي سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تيزي سان بدلجندڙ علائقائي جيو پوليٽڪس ۽ وڌندڙ دهشتگردي پاڪستان جي معيشت تي اثرانداز ٿي رهي آهي، سڪيورٽي تي سڌو سنئون اثر پيو آهي

نيول چيف چيو ته پاڪ بحريه علائقائي امن لاءِ ٻين ملڪن جي بحري فوجن سان سهڪار ڪري رهي آهي.اڪستاني قوم ۽ فوجون دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف متحد آهن