سکر ۾ وڏي وزير جي تقريب کي خطاب دوران جيالن جو احتجاج، سنگين الزام

0
53
سکر ۾ وڏي وزير جي تقريب کي خطاب دوران جيالن جو احتجاج، سنگين الزام
سکر ۾ وڏي وزير جي تقريب کي خطاب دوران جيالن جو احتجاج، سنگين الزام

سکر ۾ وڏي وزير جي تقريب کي خطاب دوران جيالن جو احتجاج، وڏي وزير تي ورڪر دشمن هئڻ جا الزام هنيا ويا

وڏو وزير پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي ورڪرز کي خطاب ڪري رهيو هو ته ڪجهه ڪارڪنن ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي جيالن جو احتجاج

 ڪارڪنن چيو ته وڏو وزير رڳو ايم پي ايز ۽ خاص ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي، ورڪرز جا مسئلا ڇو نه ٿو ٻڌي؟ وڏي وزير جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي اجلاس ۾ عوامي مسئلن جو جائزو ورتو ويو

 وڏي وزير چيو ته اسان جي پهرين ترجيح آهي ته عوام جا مسئلا مقامي سطح تي ئي حل ڪيا وڃن، وڏي وزير ڊويزن جي سمورن علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، ڊرينيج نظام جي بهتري ۽ صفائي سٿرائي يقيني بڻائڻ بابت هدايتون جاري ڪيون