ڍورو نارو ۾ ڦرلٽ جي ڪارروائين ۽ وڌندڙ بدامني خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال

0
19
ڍورو نارو ۾ ڦرلٽ جي ڪارروائين ۽ وڌندڙ بدامني خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال
ڍورو نارو ۾ ڦرلٽ جي ڪارروائين ۽ وڌندڙ بدامني خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال

ڍورو نارو ۾ ڦرلٽ جي ڪارروائين سميت وڌندڙ بدامني خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال، پريس ڪلب کان عمرڪوٽ کپرو روڊ تائين شهرين جي وڏي ريلي ڪڍي وئي

 مظاهرين مين روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڊي ايس پي جون روڊ کولرائڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، بعد ۾ پوليس ۽ ٽائون چيئرمين ڳالهيون ڪري خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو

 احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سياسي سماجي ۽ واپاري اڳواڻن چيو ته چوريون، دوڪانن کي کاٽ ۽ ڦرلٽ جون ڪارروائيون روز جو معمول بڻيل آهن، واقعن جا ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي

اڳواڻن چيو ته شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪٿي به ماڻهو محفوظ نه آهن، ڌرڻي سبب ٽريفڪ بلاڪ، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين پاران ڏوهارين خلاف ايڪشن جو مطالبو ڪيو ويو