ٺٽو (رپورٽ: محبوب بروهي) ٺٽي ۾ نوجوان کي مبينا باندي بڻائڻ وارو ڪيس، ڊي ايس پي سٽي ۽ 4 اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر، نوجوان کي مبينا کنڀي ناحق باندي بڻائڻ ۽ ڀتو گهرڻ واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي سٽي ۽ 4 اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي
پوليس شمن جاکرو واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي سٽي وقار ميمڻ ۽ 4پوليس اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪيو
گرفتار اهلڪارن ۾ منصور علي، محرم علي، دوست علي ۽ مرتضيٰ شامل، جوابدار عزيز چانڊيو گرفتار نه ٿي سگهيو
عدالت گرفتار ڊي ايس پي وقار ميمڻ ۽ اهلڪارن کي جڊيشل رمانڊ تي اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
جوابدارن جي وڪيل پاران سندن ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي، گرفتاري بعد ڊي ايس پي سٽي وقار ميمڻ ۽ چارئي اهلڪار معطل ڪيا ويا