![Donald Trump 1 اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سرينڊر ڪري ڇڏيو](https://thetimenews.tv/wp-content/uploads/2023/08/Donald-Trump-1-696x522.jpg)
اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سرينڊر ڪري ڇڏيو، امريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير جاري،اڳوڻو امريڪي صدر ٽرمپ جارجيا ۾ گرفتاري ڏيڻ لاءِ پيش، گرفتاري بعد ٽرمپ جا فنگر پرنٽ ورتا ويا
قيدين واري تصوير مڪ شاٽ جاري ڪئي وئي، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد 2 لک ڊالرز جي ضمانت تي ٽرمپ کي آزاد ڪيو ويو
اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، فوجداري ڪيس ناانصافي آهي ، 2020ع جي چوندن کي چئلينج ڪرڻ جو حق حاصل آهي، چونڊون شفاف نه هيون