سيول (شوبز نيوز): ڪوريا جي مشهور گلوڪارا هائي سوني آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جي موت جي تصديق پوليس ٻه ڏينهن کان پوءِ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 29 ورهين جي گلوڪارا جو لاش پوليس کي ٻه ڏينهن اڳ ملي پر ان وقت سندس سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي هئي. ڪورين ميڊيا موجب هائي سوني جي لاش وٽ هڪ لکت ملي جيڪا هن آپگهات کان اڳ لکي. پوليس اختيارين ان خط ۾ لکيل پيغام کي عوام آڏو آڻڻ کان پاسو ڪيو آهي. ان کان اڳ اهي رپورٽون سامهون آيون هيون ته ”هڪ گلوڪارا پنهنجي ڪمري مان مُئل حالت ۾ ملي، جنهن مبينا طور تي آپگهات ڪيو آهي“. پوليس ان معاملي ۾ قتل جي امڪانن کي رد ناهي ڪيو، واقعي جي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.