ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌي اداڪاره ۽ شاعره بختاور مظهر پليجو جي فلم ”ان فليمز“فرانس ۾ ٿيندڙ دي ڪانز فلم فيسٽيول لاءِ نامزد ٿي وئي آھي، جيڪا سڀاڻي کان 27 مئي تائين ڏيکاري ويندي، بختاور مظهر پليجو جي فني سفر جي ھي پهرين فلم آهي ليکڪ ضرار ڪن جي لکيل انهي فلم جي ھدايتڪاره انعم عباسي ۽  پروڊيوسر شانت جوشي آهن. فلم  ۾ بختاور مظهر پليجو، عمر جاويد، عدنان شاهه، ٽيپو، رمشا ٽول ۽ ٻين اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا آهن ،  انهي فلم ۾ عورت کي حقن جي حاصلات لاءِ جنگ وڙھندي ڏيکاريو ويو آهي، ماءُ ۽ ڌيءَ جي ڪهاڻي واري فلم ۾  نفسياتي ۽ خوفناڪ سين شامل آھن . واضح رهي ته بختاور پليجو ناپا مان  فن جي سکيا وٺڻ سان گڏ ڪراچي يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪشن ۽ لنڊن جي يونيورسٽي مان پروڊڪشن اينڊ ڊائريڪشن ۾ ماسٽر زڪئي آهي، بختاور  پليجو نامياري اداڪار مرحوم ضياء محي الدين سان گڏ پڻ ڪم ڪيو آهي، بختاور پليجو ثقافت واري اڳوڻي وزير سسئي پليجو جي ڀيڻ آھي ـ