پيپلز پارٽي 18 سالن جي عمر ۾ شادي جي بل کي بلڊوز ڪري ڇڏيندي: بختاور ڀٽو

0
694

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ بختاور ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي 18 سالن جي عمر ۾ شادي جي بل کي بلڊوز ڪري ڇڏيندي. بختاور ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 18 سالن جي عمر ۾ شادي جي بل جو سنڌ حڪومت سان ڪو بھ تعلق ناهي ، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت بل کي بلڊوز ڪري ڇڏيندي. ياد رهي ته ايم ايم اي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عبدالرشيد 18 سالن جي عمر ۾ نوجوانن جي شادي نه ڪرڻ جي صورت ۾ والدين کي سزا ڏيارڻ لاءِ بل سيڪريٽري اسيمبلي وٽ جمع ڪرايو هو. ان بل تي زندگي جي مختلف شعبن جي ماڻهن کان تنقيد ڪئي پئي وڃي.