ھڪ جپسي ڪالم … ھُن پاسي ۽ ھِن پاسي

0
210
ھڪ جپسي ڪالم ... ھُن پاسي ۽ ھِن پاسي

 اسان انسانَ رڳو چنڊ تائين پھچڻ جا ڪيڏا نه جتن ڪري رھيا آھيون، مگر توھان جي ئي ھن ڪائنات ۾ اربين کربين اھڙيون گئليڪسيون آھن، جن اڳيان توھان جي ھيءَ “ملڪي وي گئليڪسي” ھڪ ٻارَ جي ھٿ ۾ ٻرندڙ چُوچڙيءَ کان وڌيڪ اھميت نه ٿي رکي ۽ توھان جي ئي انھيءَ کيرڌارا ۾ سج جھڙا اربين سجَ ۽ انھن سِجن جا کربين گرھ موجود آھن، جن ۾ نه ڄاڻ ڪيترا گرھ ڌرتيءَ جيان زندگيءَ سان ٽمٽار ھوندا.

                 مون کي تمام سٺو لڳندو آھي ته اسان جي “سنڌو درياءَ” جي ڪري اسان جي پاڙيسري ديسَ کي انڊيا چيو ويندو آھي ۽ مون اڄ، رڳو اھو ڏسڻ لاءِ ته انھن جو ڇڏيل خلائي جھاز چندريان- 3 ھن وقت ڪٿي ھوندو، مون کي انھن جي لائيو ويب سائٽ مان خبر پئي ته، انھن جو اھو خلائي جھاز چنڊ جي چئوڌاري ان جي آربٽ ۾ چوٿون چڪر مڪمل ڪري چڪو آھي ۽ جيڪڏھن سڀ ڪجھ نارمل رھيو ته 25 آگسٽ 2023ع تي رات جو ٻئين يا ٽين وڳي چنڊ جي پَرئين پاسي واري اونداھي جھان ۾ زمين تي لھي ويندو. اسان ڌرتي واسين جي سامھون چنڊ جو سدائين رڳو ھڪڙو ئي پاسو ھوندو آھي ۽ اھو ان ڪري روشن نظر ايندو آھي، جو ان تي سج جي روشني سڌي سڌي پوندي آھي ۽ اسان ان کي مڪمل چنڊ چوندا آھيون. اھا اصل ۾ سج جي ئي روشني ھوندي آھي، جا رفليڪٽ (منعڪس) ٿي، اسان جي اکين ۾ روشني ڀري ڇڏيندي آھي، پر چنڊ جو پَريون پاسو جيئن ته سج سان سڌي تعلق ۾ نه ھوندو آھي، ان ڪري اتي سدائين شام يا رات جھڙو ماحول ھوندو آھي. چندريان- 3 کان اڳ ۾ چندريان- 2 به 22 جولاءِ 2019ع تي چنڊ ڏانھن اماڻيو ويو ھو، جيڪو عين ان وقت پنھنجي ڪنٽرول آفيس جي رابطي کان ڪٽجي ويو، جڏھن اھو چنڊ تي لھڻ جي تيارين ۾ ھو. انھن جو وزيراعظم اھا يادگار گھڙي ڏسڻ لاءِ پاڻ ڪنٽرول روم ۾ موجود ھو، ھن پنھنجي اسپيس ايجنسيءَ جي سڏڪا ڏئي روئندڙ چيف “ڪي سيوان” کي ڳلي لڳايو ۽ چندريان- 3 جي تياريءَ جو حڪم ڪيو ۽ ھن کي سمجھايو ته اھي غلطيون دور ڪريو، جن جي ڪري اھو مشن ناڪام ٿيو. ھن جي ناڪاميءَ تي نه ته ڪا ڪميشن ويٺي ۽ نه ئي ڪو عدالتي ڪيس ٺھيو، بلڪه ھُو ھزار دلين سان وري ان ڪم ۾ جنبي ويو ۽ رڳو چئن سالن ۾ ھڪ نئون خلائي جھاز چندريان- 3 ٺاھي ڏيکاريائين. مون کي تمام گھڻو افسوس ان ڪري به ٿيو جو ان واقعي کي اسان جي پاسي واري حڪومت ۽ عوامَ بي انتھا غير حقيقي انداز ۾ رڳو انھن جي دشمنيءَ ۾ “خوشيءَ جي خبرَ” طور ورتو. ھڪ پاڪستاني نجي چئنل ته رئونشي خاطر اھو سوال ڪراچيءَ جي رستي ويندڙ ماڻھن کان ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ايئن چندريان- 2 جي تباھيءَ جي خبر کي انھن خوشيءَ جي ھڪ خبر طور ورتو ۽ انھن جي نقصان کي پنھنجي لاءِ فائدي طور ڳڻيو. مان گھڻو حيران ان ڪري به ٿيس جو اھا راءِ ڏيندڙن جي گھڻائي انھن ڀائي لوگن جي ھئي، جيڪي پنھنجي ننڍپڻ ۾ انڊيا جي ڪنھن نه ڪنھن شھرَ ۾ پنھنجي اسڪولي اسيمبلين ۾ مرحوم علامه اقبال جو نظم “ساري جھان سي اڇا، ھندستان ھمارا” ڳائيندا رھيا ھئا ۽ اھي جڏھن پنھنجون جھوپڙيون ڇڏي پاڪستان آيا ته انھن کي اسان جي لاھوري پاڪستانين ٻڌايو ته ھتي نه بيھو، پاڪستان اڃان اڳتي اٿوَ، ۽ ايئن اسان سنڌين جو نج پج ڪراچي شھر لياقت علي خان جي مھربانين سان انھن شرنارٿين سان ٽٻ ٽار ڀرجي ويو، بلڪه اھو پاڻي ڪنارن کان به ٽمڻ لڳو ھو. ھاڻي اھي شرنارٿي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ نوابشاھ کي گڏائي ھڪ نئين وطن جي گھرَ ڪري رھيا آھن.

ھوڏانھن ڀارت پنھنجي خلائي جھاز چندريان- 2 جي ناڪاميءَ بعد ماتام نه ڪيو، بلڪهِ پنھنجو ھڪ نئون خلائي جھاز چندريان- 3 جوڙي ورتو ۽ حيرانگيءَ جي ڳالھ ته پوري دنيا جي خلائي ايجنسين انھن سان سر ساھ جھڙي دوستيءَ طور اھو خلائي جھاز ٺاھڻ ۾ انھن جي مدد ڪئي ۽ اھو خلائي پروب ھن مھل دنيا جو سستو ترين مشن ٿي اڀريو آھي، جنھن تي اڄ تائين جي ڪيل خرچن جي مقابلي ۾ اڌ جيترو مسَ خرچ آيو آھي. ھن وقت به اسان جي دشمن جي خلائي ايجنسيءَ جا اسان جي ڌرتيءَ جي آربٽ ۾ تقرين 49 خلائي گرھ گردش ڪري رھيا آھن، جيڪي انھن کي ھر قسم جي ضروري ڊيٽا فراھم ڪري رھيا آھن ۽ چار نوان گرھ اوڏانھن وڃڻ لاءِ صفا تيار بيٺا آھن. ھيڏانھن اسان واري پاسي جي خلائي ايجنسي سُپارڪو پاران رڳو ٻه سيٽلائيٽس فضا ۾ ڇڏيا ويا آھن، جن مان بدر سيٽلائيٽ 1990 ۾ ڇڏيو ويو ھو، جيڪو ڌرتي جي ھيٺانھين آربٽ ۾ گردش ڪري رھيو آھي ۽ ٻيو 2000 عيسويءَ ۾، جيڪو به انھيءَ آربٽ ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. چين وري ھڪ وڏي مھرباني ڪئي، جو ان پاڪستان جي لاءِ ٻه سيٽلائيٽس 9 جولاءِ 2018ع تي پنھنجي خلائي اسٽيشن تان فضا ۾ موڪليا، جن جو مقصد به چين پاران سي پيڪ منصوبن جي مانيٽرنگ ڪرڻ آھي، يعني اھي اڻ سڌي طريقي سان چين جا سيٽلائيٽس ئي سڏبا .

ڪجھ ڏھاڙا اڳ، ھڪ خبر انتھائي حيرانگيءَ وچان پڙھي ھيم ۽ پوءِ ان جي ويڊيو به يوٽيوب تي ڏٺم، جنھن ۾ جنھن شام ھوڏانھن وارا پنھنجو چندريان- 3 خلائي مشن خلا ۾ موڪلي رھيا ھئا، ان جي ڪجھ ڏھاڙن پڄاڻان ڪراچيءَ جي ھڪ لوڪل تنظيم (جنھن جو نالو شايد پاسبان يا ڪجھ اھڙو ئي ھو) ھڪ خلائي ڦوڪڻو، جنھن جي شڪل خلائي راڪيٽ جھڙي ھئي ۽ جيڪو بلڪل ڪنھن خلائي جھاز جيترو ئي وڏو ھو، اھو ڪراچيءَ جي فضائن مان ھوائن ۾ موڪليو ويو ھو، جنھن کي گئس سان ڀريو ويو ھو ۽ اھو لڏندو لمندو بجليءَ جي تارن کان پاڻ بچائيندو ھوا ۾ بلند ٿيو ھو. اھو ئي فرق آھي اسان ۾ ۽ اسان جي پاڙيسري ديس ۾ … ھُن پاسي اھو ڪم بي انتھا ذميواريءَ ۽ اتساھ سان ٿي رھيو آھي، ۽ ھن پاسي اھو ئي ڪم ٻاراڻي طور تي سرانجام ڏنو پيو وڃي … پوءِ ڇو ڪونه ھُو جڳ جھان ۾ مڇون وٽي گھمندا.

مان جڏھن به ويب سرچنگ ڪندو آھيان ته اھو ڏسي دل سان احساس محروميءَ ۾ ويڙھجي ويندو آھيان ته اسان جي ھن گلوبل ڌرتيءَ واري ڳوٺ ۾ ھڪڙو به سنڌي يا پاڪستاني اھڙو ڪونه آھي، جيڪو مٿين ليول جي ڪنھن وڏي پوزيشن تي ويٺو ھجي. گوگل جھڙي اداري جو سي اي او به ھڪ ڀارتي “سُندر پيچائي” آھي، مائڪروسافٽ جو سي اي او به ھڪ ڀارتي “ستيه ناڊيلا” آھي. ايئن ئي آءِ بي ايم جو ھيڊ به اوڏانھن پاسي جو “اروند ڪرشنا” آھي ۽ وري 24 ڪلاڪ اسان سڀ سنڌي جنھن سائٽ تي موجود ھوندا آھيون، ان يوٽيوب جي ھڪ مٿانھين پوسٽ تي به انھن جو ھڪ “نيل موھن” ويٺل آھي. انھن جي مقابلي ۾ جڏھن ھن پاسي نظر ڌَريون ٿا ته ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچن ٿا، بھترين قسم جا مبلغ ۽ پرچارڪ اڄ به نوڪيا وارا ڪي پيڊ موبائل استعمال ڪندي نظر ايندا آھن ۽ راھ ويندڙ ڪنھن ڇوڪري کي بيھاري عرضڙو ڪندا آھن ته فلاڻي ھمراھ جو نمبر ته فون مان ڳولھي ڏيو ۽ جڏھن انھن کان پڇبو آھي ته فون ھلائڻ سکو ڇو ڪونه ٿا؟ ته جواب اھو ئي ھوندو آھي ته بابا ھي ھاڻي اسان جي سکڻ جي عمر آھي! سڀ کان وڏي دکدائڪ اھا ڳالھ به آھي جو جنھن جو زيان ٿي رھيو آھي، ان کي پنھنجي زيان جو ذري برابر به پڇتاءُ ڪونه آھي. مان اھڙن کوڙ سارن آءِ ٽي انجنيئرن کي سڃاڻان، جيڪي پنھنجي ڪمپيوٽر تي ايم ايس ورڊ ۾ سنڌي جو سافٽ ويئر ھلائڻ جي خبر به ڪونه ٿا رکن ۽ ان ڳالھ تي انھن کي پڇتاءُ به ڪونه آھي. چند سال اڳ ۾ تر جي ھڪ وڏي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مون سان رابطو ڪيو ته اسان انگريزيءَ ۾ ته پنھنجي ويب سائٽ ٺاھي آھي،  مگر اھا سنڌيءَ ۾ نه ٿي ھلي، ۽ پوءِ مون ھڪ وڏي سيمينار ۾ شيخ اياز جي ويب سائٽ انھن جي پريزنٽيشن ۾ ھلائي ڏيکاري، بلڪه ويب سائٽ جو پورو سيٽ اپ به انھن جي حوالي ڪيو، مگر اھو ئي ٿيو جنھن جو ڊپ ھو، سال گذرڻ پڄاڻان نه ته انھن شيخ اياز جي اھا ويب سائٽ رينيو Renew ڪرائي، نه اھا وري ڊيويلپ ڪئي وئي. ھاڻي شيخ اياز جي نالي واري اھا چيئر ته موجود آھي، مگر ان جي ڪابه ويب سائٽ ڪانھي.