ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون

0
13
ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون

 گذريل هفتي ضياءُ الله ڳنڀير جي ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون- وسي ملوڪ شاه ٽکڙ” جي مهورتي تقريب جي دعوت  آڪاش ٽکڙائي طرفان ملي هئي. دعوت تي وڃڻ ٿيو, آڪاش ٽکڙائي ۽ سندس ڀاءُ عمران ڳنڀير سان هونئن ته پراڻو واسطو آھي پر ادبي دنيا جي سفر ۾ گڏ گڏ ھلڻ ڪري اهو رشتو ويتر گهاٽو رهيو آھي. آڪاش ٽکڙائي هيل تائين شاعري جا ٽي ڪتاب, جڏھن  ته عمران نثر جو هڪ ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيئي چڪا آھن. ڪتاب جي مهورتي تقريب ٽکڙ ۾ رکيل هئي.

                 ٽکڙ دريائي ڪنڌي جو هڪ قديم ڳوٺڙو آھي جنهن جي اهميت سنڌ جي ٻين قديم ڳوٺن جهڙي آھي, ان جو هڪ پاسو جيڪو ڳوٺ کي مٿي کنيو بيٺو آھي اهو آھي شاعري جو پاسو, هن ڳوٺ ۾, نورمحمد خستا کان ويندي حافظ حامد ٽکڙائي تائين، امداد حسيني کان ويندي آڪاش ٽکڙائي تائين, ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا، جن ادبي تاريخ ۾ ڳوٺ جو نالو بلند ڪيو, ھن ڳوٺ جي ٽيو پاسو آھي دريائي ڪنڌي وارو پاسو ,جتي جي هر باک ڦٽي ۽ شام جو حسن، زندگي کي ڪشش ڪرڻ لاءِ واجھ وجهندو ٿو, ماڻهو ان حسن جي عشق ۾ اڙجي شاعري جا آلاپ ورلائڻ ٿو لڳي.

ٽکڙ جي لفظي معنيٰ آھي ٽن ڌيئن مٿان پٽ جو ڄمڻ يا وري ٽن پٽن مٿان ڌيءَ جو ڄمڻ, جيتوڻيڪ اسان جي سماج ۾ ٽکڙ ٻار کي نڀاڳو سمجهيو ويندو هو, پر ٽکڙ نالي هي ڳوٺڙو سڀاڳو نڪتو جنهن سنڌي شاعري ۾ واهڙ واهيا. ضلعي ٽنڊو محمد خان جو هن قديم ڳوٺڙي جنهن نه رڳو سنڌي ادب جي اڃايل ڌرتي کي آباد ڪيو ليڪن هتي ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي جنم پڻ ڏنو، جن ۾ سيد ميران محمد شاه، سيد قمر زمان شاه، سيد نويد قمر ۽ سيد قاسم شاه اچي وڃن ٿا. هي ڳوٺ وسي ملوڪ شاه به سڏجي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هي ڳوٺ وسيع ملوڪ شاه ٻڌايو هو. جيئن ته هي ڳوٺڙو درياء جي ڪنڌي سان هئڻ ڪري غالبن ٻه دفعا ٻڏو به هو, آبڪلاڻي جي موسم ۾ جڏھن درياءُ گجگوڙ ڪندو آھي ته هن ڳوٺ جي ماڻھن جي ننڊ حرام ٿي ويندي آھي, ڇاڪاڻ ته سانوڻي موسم دوران هن ڳوٺ کي ٻڏڻ جو خوف اوس رهندو آھي.

ٻنپهرن ويلي جڏھن گرم جهولي ۾ پکي به وڻن کان ٻاهر نٿي نڪتا، ان ويلي آئون صحافي ابراهيم مخدوم ۽ نورمحمد مغل پنهنجي شھر مان دعوت لاءِ نڪتاسين. ملان ڪاتيار ۾ اسان جو انتظار اويس ملاح ڪري رهيو هو, جيڪو به صحافي آھي, چانھ پيئڻ کان پوءِ دريائي بند واري پاسي کان نڪتاسين. بند تي بيهي درياء ڏي ڏٺوسين ته درياء ۾ پاڻي گهڻو گهٽ ھو, ٻيڙيون وچ سير مان واپس ڪنڌي تي اچي رهيون هيون, ملاحن جا ٻارڙا بند جي پيچنگ تي ويهي سندن مائٽ وانجهين جو انتظار ڪري رهيا هئا, ان وقت شام جو لهندڙ سج, پرار ڪنهن اجهامندڙ شعلي جيان لڳي رهيو هو,

پروگرام ۾ جڏھن ڪتاب جي مهورت کان پوءِ ان جي ڪاپي منهنجي هٿ ۾ آئي ته ان جو نالو پڙھي منهنجي ذھن ۾ گوبند مالهي جو ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” تري آيو, جيڪو ڪتاب هن ٺارو شاه کي ڇڏڻ کان پوءِ لکيو هو. گوبند مالهي 5 آگسٽ 1921ع تي ٺارو شاه ۾ ڄائو هو ۽ ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويو. سندس ديهانت 10 فيبروري 2001ع تي ممبئي ۾ ٿيو, سندس ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” 1987ع ۾ ڇپيو هو. پڙھندڙ ان کي پڙھي هڪ جلاوطن ٿيندڙ ماڻھو جا درد محسوس ڪيا، ۽ جلاوطني جي ڪيفيت ۾ خود ڄڻ گهيرجي ٿي ويا. ويجهڙائي ۾ ان ساڳي ئي نالي سان خادم ٽالپر هڪ ڪتاب لکيو, جنهن جي بدين ۾ مهورتي تقريب ٿي هئي. “ڳالهيون ڳوٺ جون” جي نالي سان عبدالغني شر به ڪتاب لکيو هو، جيڪو ناول جي صنف ۾ ھو, “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون” پير حسام الدين راشدي جو ڪتاب لکيل آھي. پير صاحب جو اهو ڪتاب 1981ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو هو, پير حسام الدين راشدي 1911ع ۾ رتيديري ويجهو بهمڻ نالي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ پهرين اپريل 1982ع تي گذاري ويو.

هاڻي ضياءُ الله ڳنڀير جو ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون- وسي ملوڪ شاه ٽکڙ” آيو آھي، جنهن ڪتاب کي پڙھي اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو آھي ته هي ڪتاب نثر جي ڪهڙي صنف ۾ لکيل آھي. هي ڪتاب هڪ ئي وقت آتم ڪهاڻي جو ڪتاب آھي ته سوانح حيات جو ڪتاب به آھي. هن ڪتاب ۾ ڳوٺ جي جاگرافي به ملي ٿي ته ڳوٺ جا اهم واقعا به درج ٿيل آھن, ليکڪ جي محنت تي داد ڏيڻ کان رهجي نٿو سگهجي، ليڪن لڳي ٿو ته لکندڙ وٽ ڪتاب لکندي موضوع کٽي ويو، جنهن ڪري هن هتان هتان جون ڳالهيون لکي ڪتاب پورو ڪيو, ڪتاب جي ليکڪ سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ڪنهن پروگرام ۾ ٿي هئي, هو رٽائرڊ استاد آھي, هن سندس ڪتاب جو ذڪر مون سان ڪيو هو، جڏھن سندس ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ ھو.

ٽکڙ جي شاعرن تي ان کان اڳ سيد اسدالله شاه بيخود حسيني صاحب جو ڪتاب تذڪره شعراء ٽکڙ آيل هو, جيڪو 1952ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو هو, ڪتاب جو ديباچو سيد ميران محمد شاه لکيو هو, ان ڪتاب ۾ تاثرات غلام محمد گرامي جا لکيل آھن, ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو هو, سنڌ ادب ۾ وڏي تعداد ۾ آتم ڪهاڻين ۽ سوانح حيات جا ڪتاب لکيا ويا, جن ۾ “ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم”، ڪيرت ٻاٻاڻي, “ڏسي ڏوهه اکين سين” جمال ابڙو، “ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر” شيخ اياز، “سرءُ جا پن” نارائڻ ڀارتي، “بک عشق ۽ ادب” موهن ڪلپنا، “هو ڏوٿي هو ڏينهن” پير حسام الدين راشدي، “منهنجي حياتي جا سونا روپا ورق” پوپٽي هيراننداڻي، “پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني” جي ايم سيد، “ڪيئي ڪتاب” رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، “سائو پن يا ڪارو پنو” مرزا قليڇ بيگ، “سکر سيئي ڏينهن” محمد اسماعيل عرساڻي، “چولو منهنجي چِڪ ۾” ھري دلگير، “اڳي ايئن هياس” فضل احمد بچاڻي، “گند منهنجي گوڏ ۾” هري دلگير، “ڏک سکن جي سونهن” تاجل بيوس، “وهي کاتي جا پنا” لڇمڻ ڪومل، “اڌ صديءَ جو اتهاس” ميان مير چانڊيو ڀاڱو پهريون، “پن ڇڻ جون چانڊوڪيون” ڀاڱو ٻيو، “دل جي دفتر مان” قاضي خادم، “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” فقير عبدالغفور الستي، “ڌرتي ڌڪاڻل” لعل پشپ، “پورب ڄائي”  daughter of the eastمحترما بينظير ڀٽو, “منهنجي مختصر ڪهاڻي” علاما ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ۽ ٻيا ڪتاب اچي وڃن ٿا، جيڪي تاريخ ساز شخصيتن جي زندگين جو هو بهو عڪس آھن ۽ منهنجي خيال ۾ پڙھندڙ آتم ڪهاڻيون پڙھڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا.

اها خبر ناهي ته ڇو ضياءُ الله ڳنڀير سندس هن ڪتاب ۾ هڪ ئي وقت سوانح حيات، آتم ڪهاڻي، مضمون ۽ ڳوٺ جي جاگرافي جا سڀ ئي رنگ رکيا آھن. شايد ان جو سبب لکندڙ جي ذھن ۾  اهو هجي ته هر ڪو پڙھندڙ پنهنجي دلچسپ مواد مان حظ حاصل ڪري. منهنجي خيال ۾ ڪنهن شھر يا ڳوٺ جون ڳالهيون ڪرڻ جيڪي پهرين ڪنهن ڪتاب ۾ محفوظ ٿيل هجن, ايئن آھن جيئن ڪنهن ڳوٺاڻي سان ٻپهري جا پل ڪنهن ڪونڀٽ جي ڇانوَ ۾ گهارجن. اها ٻي ڳالهه آھي ته سنڌ جا ڪيئي اهڙا علائقا شھر يا ڳوٺ آھن، جن جي تاريخي طور وڏي حيثيت آھي. انهن تي جيڪڏھن ڪا تحقيق ڪجي ٿي ته اها مڃتا ماڻي ٿي. سادن لفظن ۽ موضوعن ۾ ئي سهي پر ضياءُ الله ڳنڀير جو ھي پورهيو ٻين ڳوٺن يا شھرن تي لکيل ڪتابن جيان پنهنجي حيثيت ضرور ماڻيندو.

ٽکڙ جي اسٽيج تان اوچتو ڪڪر ڪار ٿي ويئي۽ بوندون برسڻ لڳيون، ٻڪرال ٻھڪڻ لڳي. اسان هلندڙ پروگرام ڇڏي واپس ٿياسين. ان ويلي ايئن لڳو ڄڻ هلندڙ ميلي مان ٻاهر نڪتا هجون.