گھارو: واٽر بورڊ جي کليل ڪينال ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

0
204

گهارو: واٽر بورڊ جي کليل ڪينال ۾ وهنجندي 24 ورھين جو نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو. نوجوان جي سڃاڻپ خادم چانڊيو طور تي ٿي. نوجوان گرمي سبب وهنجڻ آيو ھو ته ٻڏي ويو.نوجوان جو لاش پنھنجي مدد پاڻ تحت علائقي واسين ڪڍي ورتو، لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.