گڊو (ن پ ا ) گڊو پل ويجهو تيز رفتار جيب ڪلٽي ٿيڻ سبب ھڪ ڄڻو موقعي تي فوت ۽ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، پوليس لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، فوتيءَ جي سڃاڻپ عمر حيات جي نالي سان ٿي، زخمين ۾ عاطف ۽ الله نواز شامل آهن. فوتي ۽ زخمين جو تعلق بگٽي قبيلي سان ٻڌايو پيو وڃي جن جو تعلق ڊيرا بگٽي بلوچستان سان آھي.