گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ ڀرسان پيرسن گاهه ڪرڻ دوران برساتي پاڻيءَ واري تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. گهوٽڪي شهر جي گوهر ڪالونيءَ جو رهواسي پيرسن محمد عظيم چاچڙ زمين تي گاهه ڪندي پير ترڪڻ سبب ڀرسان موجود برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو. ڪجهه دير بعد ٻنيءَ ۾ موجود ڳوٺاڻن پيرسن کي پاڻيءَ ٻاهر ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پيرسن محمد عظيم جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.