گهارو (ن پ ا) گھارو ڀرسان تلي اسٽاپ وٽ حراب جوکيو ڳوٺ ۾ 5 ورھين جو نينگر ظھور ولد غلام نبي جوکيو واٽر ڪورس ڀرسان راند ڪندي پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو. ڳوٺاڻن نينگر کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪڍي مقامي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.