پنگريو (ن پ ا) پنگريو لڳ ڳوٺ ليمون ھڱورو و رھواسي 25 سالن جو نوجوان هاري گلزار پٽ فقير محمد ھڱورو ٻني تي ڪم لاءِ وڃي رھيو ته رستي ۾ مرگهيءَ جو دئورو پوڻ سبب واٽر ڪورس ۾ ڪِري ٻڏي ويو. ڳوٺاڻن کيس پاڻيءَ مان ڪڍي رورل ھيلٿ سينٽر پنگريو آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش قانوني ڪارروائي بعد واثن حوالي ڪيو ويو.