ڪوھستان جي نياڻين جي اڳواڻي ۾ ٿيل تاريخي ڪتابن جي پڌرائي!

0
15
ڪوھستان جي نياڻين جي اڳواڻي ۾ ٿيل تاريخي ڪتابن جي پڌرائي!

 جنگشاھي جي اتر ۾ موجود ڪوھستان جو مشھور ڳوٺ مالماڙي ھر دور ۾ تاريخي رھيو آھي. اڳ ۾ ھتان جا رڳو مرد اديب مشھور ھئا (جن جي ھڪ وڏي لسٽ موجود آھي)، پر ھاڻي ھتي جون عورتون به تڏھن کان سنڌ جي وڏن ليکڪن ۽ دانشوَرَن جي تعريف جو مرڪز بنجن پيون، جڏھن کان ڪوھستان جي اُڀرندڙ ليکڪا سنڌو سنڌيءَ اڄ کان پنج ڇھ سال کن اڳ سنڌ جي مختلف مئگزينن ۽ اخبارن ۾ ڪوھستان بابت ننڍا وڏا ليک ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ انھن کي گڏ ڪري تازو ئي ”پانجو ڪوھستان“ نالي سان سندس ھڪ ڪتاب، مالماڙي ادبي فورم ٺٽي پاران، رومي پبلشر حيدرآباد جي تعاون سان ڇپجي، مڪليءَ مان پڌرو ٿيو آھي. جنھن سان گڏ سندس وَرُ جسارت الياس جوکيو جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”ڪوھستان ڪليئڊواسڪوپ“ به پڌرو ٿيو.

                 مڪليءَ جي تاريخي ماڳ تي ”مڪلي جيمخانه“ ۾ 9 جون 2024ع تي ٿيل ان منفرد ادبي ويھڪ ۾ رڳو ٻن ڪتابن جي پڌرائي شامل نه ھئي پر اھو سنڌ جي ڪوھستان واسين جو ھڪ عاليشان ميڙاڪو به ثابت ٿيو، جنھن ۾ روايتن جي اُبتڙ، شرڪت ۽ اڳواڻي ڪندڙ عورتن جو به وڏو انگ شامل ھو. جن سنڌ جي مختلف شھرن جھڙوڪ؛ جُنگشاھي، مالماڙي، ٿاڻو بولاخان، ٿاڻو احمد خان، مول، ڪوٽڙي، گڏاپ، گھارو، ملير، ماڙيپور، گارڊن اِيسٽ، سڄڻ آباد بلديه ڪراچي، مڪلي، ٺٽو، کاريسير، اسحاق کوھ ۽ نوري آباد کان علاوه سجاول کان ڪھي، ڀرپور شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ وڻندڙ اسٽيج ٺاھي وئي، جنھن تي ويٺل مھمانن ۾ صدارت ڪندڙ تاج جويو، خاص مھمان ڪوھستاني اسڪالر ڪوثر ملڪ، خصوصي مھمان ڊاڪٽر محمد علي مَانجِهي، اعزازي مھمان ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، اسڪالر نفيس فاطمه جعفري ۽ سينيئر سياستدان حورالنساءَ پليجو شامل ھيون، جڏھن ته مالماڙي ادبي فورم جو باني برک اديب ۽ استاد محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو، سنڌ يونيورسٽي جو استاد ڊاڪٽر ممتاز علي خاصخيلي ۽ سينيئر اديب ليکڪ پروفيسر امان الله جوکيو به اسٽيج تي مھمان طور ويٺا. مونکي اھو اعزاز حاصل ٿيو ته مون اسٽيج سيڪريٽري طور پاڻ پروگرام شروع ڪرايو. ليکڪه جي ڀاءُ عبدالرحيم جوکيو تلاوت ڪئي، جڏھن ته فورم جي چيئرمين بشارت الياس جوکيو آيل سمورن مھمانن کي ڀليڪار ڏني. جهمپير جي مشڪور پالاري، شاھ جي وائي پڙھي. ان کانپوءِ ڪتابن تي ڳالھائڻ لئه تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو، جنھن دوران مختلف اسٽيج سيڪريٽريز جھڙوڪ جسارت الياس، باغ حسين ۽ شھرت الياس جوکيو پڻ منھنجي مدد ڪئي. آخري ڪلاڪ ۾ نظامت جا فرض مشھور شاعر ۽ ڪمپيئر نور سرائي ڀرپور ريت ادا ڪيا.

ھن پروگرام ۾ وڏي نواڻ ھئي. اھو به سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌو ۽ جسارت الياس ڪري ڏيکاريو، جو ھن پالاري، برفت ۽ جوکيو قبيلن جي عورتن کي اسٽيج تي آڻي، ڪوھستاني ڳِيچَ (راڳ) پڙھائي تاريخ رقم ڪئي. جڏھن ته تقريرن جي وچ ۾ جهمپير کان آيل ڌڻي بخش پالاري ”ڪوھستاني مورو“ ڳائي، محفل کي چار چنڊَ لڳائي ڇڏيا. مجاھد خاصخيلي وري سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ ”جَنتَ الفردوس آھن، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون“ ڪلام پڙھي ڀرپور داد حاصل ڪيو. پروگرام جي ھڪ اھم خصوصيت اھا به ھئي ته ڪوھستان جي مشھور ثقافت مولود ۽ غزل پڙھڻ لئه ماما عبدالمنان ۽ ماما سميع الله جي سَٿ اسٽيج تي اچي، شاعر ڪوھستان باغ محمد ”بيشڪ“ جوکيو جي لکيل شاعري ”ٻَڌُ مولھِيو مُرسَلَ يارَ، ٿِي سُونھي تُنھنجي دَستَارَ“ پڙھي ڪري، ويٺلن کي جذباتي ڪري ڇڏيو. تقرير ڪندڙن ۾ چوٽيءَ جو تعليمدان نصير ميمڻ، عمران جکڙ، جاکوڙي سلام جوکيو، سنڌي ادبي سنگت مڪلي جو سيڪريٽري رمضان ميمڻ، تاريخدان پروفيسر شمس دين جوکيه، اديب خدا بخش وڪيجو، سگھڙ استاد سکيه خان جانواڻي، پروفيسر امان الله جوکيو، علي دوست چانڊيو ۽ ٻيا شامل ھئا. عورت مقررن ۾ ڊاڪٽر عابده گھانگھرو چيو ته سنڌوءَ جو ڪيل ڪم ھڪ تاريخ ثابت ٿيو آھي ۽ اھو ھڪ ڊاڪٽوريٽ ليول جو ڪم آھي. سنڌي ادب جي نوجوان اسڪالر نفيس فاطمه جعفري چيو ته ڪوھستان جي ھن ليکڪ جوڙي سنڌوءَ ۽ جسارت جا ڪتاب ھن دؤر جا مثالي ڪتاب آھن. حورالنساءَ پليجو مطابق ”پانجو ڪوھستان“ ڪتاب ڪوھستان جي ڪوھستاني عورتن جي ريتن ۽ رسمن جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏھن ته گڏاپ کان آيل نياڻي حفصه اشرف جوکيو مطابق سنڌوءَ جن عورت ڪردارن تي لکيو آھي، اھي سنڌي ادب ۾ اڳ ڪڏھن به ناھن لکيا ويا، جن ۾ جيجي ڀريائي به ھڪ آھي. ڪوھستان جي نوجوان مقرر ڪوثر ملڪ مطابق سنڌوءَ جي ڪتاب ۾ نه رڳو ڪردار پر ڪوھستاني ثقافت جون ريتون ۽ رسمون به ڀرپور لکيل ملن ٿيون، جن کي اڄ پروگرام ۾ سڀني سان گڏ عملي طور ڏسي خوشي ٿي.

ھن خوبصورت ميڙاڪي ۾ آيل مھمانن ۾ حيدرآباد کان تعليمي ماھر گلشير ڪوريجو، رومي پبلشر جو سرواڻ احسان علي لغاري، ملير کان مجاھد جوکيو، جلالجي کان درياء خان جوکيو، خانقاه مڪلي کان صوفي ذوالفقار علي قادري، ملير کان پروفيسر بيدار جعفري، سماجي اڳواڻ عمران جوکيو، نوري آباد جو صحافي شمس پالاري، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ٺٽو محمد بخش بھراڻي، سلمان علي جوکيو، آصف علي جوکيو، نور حسن ھيجب، عدنان جاکرو، حنظ الله جاکرو، ٺٽي جا صحافي محبوب بروھي، اقبال جاکرو ۽ رحمت الله ڇُٽو، نوري آباد جا صحافي عالم پالاري، مير نويد پالاري ۽ شمس پالاري، ڪوھستان کان گل احمد جوکيو، عثمان جوکيو، سنڌي ادبي سنگت سجاول جو رابطه سيڪريٽري شاھ ڪوي، چوھڙ جمالي جو مشھور شاعر راجا کٽي، اديب الھجڙيو بُرفت، سنڌ ڪلچرل فورم جو اڳواڻ صادق لاکو، جلالجي کان امتياز احمد بنگل خان جوکيو، مالماڙي کان حاجي عبدالرحيم جوکيو، مُسرت الياس جوکيو، شاھنواز جوکيو، ٻولھاڙي کان ديدار کوسو، عرفان ناريجو، مشڪور پالاري، شير عالم جوکيو، اميردين جوکيو، شاعر احسان الله آگم جوکيو، حماد ملڪ، عبدالوحيد، عبدالرئوف، محمد اياز، مجنون خان، حبيب الرحمٰن، محي الدين، حزب الله، فيصل عزيز جوکيو، مزمل الياس ۽ عورتن ۾ حاجاڻي شيرخاتون، بلقيس عزيز جوکيو، ارم فيصل جوکيو، صفوره خانم، معموره خانم، اياز خاتون، ڀاڳان، شعوره خانم، ڊاڪٽر گلزار شھرت، ڊاڪٽر ماريه، ڊاڪٽر نمره، شبانه، شاھده، ڪائنات عبدالحئي، مُستبشره، طيبه، مديحه، ترتيلا، درخشان جوکيو، شاعره خالده خشڪ، عائشه جماري، حور جماري، ناديه منڇري، فوزيه رند، فوزيه جوکيو، نورين جوکيو، ڪلثوم جوکيو، عائشه سمون، ھاديه خان، گل بيبي، عتيه ملڪ، ماھم ملڪ، فلڪ ملڪ، رضيه سمون، حبيبه جمالي، نُصرت بانو، درشھوار، حفصه مسرت ۽ بين سوين عورتن ۽ نياڻين شرڪت ڪري، ليکڪ جسارت الياس جوکيو ۽ سنڌو سنڌي جي ڪتابن تي کين داد ڏنو. سنڌي ادب جي ماھر ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ خطاب ڪندي چيو ته سنڌوءَ جو ڪتاب جيتوڻيڪ سندس پھرين ڪوشش آھي پر ان باوجود سندس ڪم تعريف جوڳو آھي ۽ کيس داد ڏيڻ سان گڏ اھا اميد رکجي ٿي ته ھوءَ پنھنجي قلمي پورھئي کي مالماڙي کانپوءِ سموري ڪوھستان ۾ جاري رکندي ۽ سنڌي ادب جي وڌيڪ خدمت ڪندي. صدارتي خطاب ڪندي نامور اديب تاج جوئي چيو ته سنڌو سنڌي جو ڪم تعريف جوڳو آھي ۽ اڄوڪو ڪتابن جي پڌرائي جو موقعو انتھائي اھم آھي، جنھن ۾ ڪوھستاني عورتن جي ايڏي وڏي تعداد کي ڏسي خوشي انڪري ٿي رھي آھي، جو اڄ عورتن جو ھيڏو وڏو انگ اھو به بنا ڪنھن سياسي آشيرواد جي ڏسي، پڪ ٿي ته سنڌوءَ جو ڪيل ڪم نه رڳو تاريخي پر حقيقت تي ٻڌل جاندار ڪم آھي ۽ سندس عورتن سان عملي واسطو تعريف جوڳو ۽ تاريخي ڪردار آھي. آخر ۾ ادبي ويھڪ ۾ اديبن ڪوھستان جون زمينون ۽ وسيلا بچائڻ جو اعلان به ڪيو.

جسارت الياس ۽ سنڌو سنڌيءَ اھو پڻ اعتراف ڪيو ته ھيءَ رڳو سندن شروعات آھي، جنھن کي اڳتي کڻي ھلندا ۽ پنھنجن ڪتابن کي حرفِ آخر نه ٿا چون. انھن اعلان ڪيو ته سندن ڏھ کن نوان ڪتاب به تڪڙو ئي ڇپجي پڌرا ٿيندا، جن ۾ وڌيڪ نون عنوانن کي مرڪز بنايو ويو آھي. ياد رھي ته مالماڙي ادبي فورم ٺٽو جو ھي پھريون پروگرام ھو.