ڪوٽڙي: منشيات اسمگل معاملو، ڊِي آءِ جي پاران سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو سيل!!

0
236

ڪوٽڙي: ڊي آئي جي حيدرآباد شرجيل کرل پاران پوليس موبائيل ۾ چرس اسمنگنگ جو سختي سان نوٽيس ورتو ويو. شرجيل کرل چيو ته رات جو ئي معاملي جي خبر پئي ته مون سي آئي اي سينٽر ڄامشورو سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي. ايس ايس پي ليول جي آفيسر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي. شرجيل کرل چيو ته هن ڪڌي ڪم ۾ جيڪي به پوليس اهلڪار ملوث هوندا انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. انڪوائري ڪميٽي کي اهو مينڊيٽ آهي ته هو سي آئي اي سينٽر ڄامشورو جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ ڏين ته پنجن سالن دوران سي آئي اي سينٽر ڇا ڇا ڪيو.