ڪورونا وئڪسين جي قيمت مقرر ناھي ٿي، عدالتي حڪمن کي مذاق بڻايو ويو آھي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ

0
241
پوليس کان مايوس ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت کان ڪورونا وئڪسين جي قيمت مقرر نٿي ٿئي، عدالتي حڪمن کي مذاق بڻايو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪورونا وئڪسين جي قيمت مقرر نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ڪورونا ويڪسين جي قيمت بابت ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٻڌايو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ قيمتن جو تعين ٿي ويندو، جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته عدالت ڪابينا جي لحاظ سان نه هلندي، هڪ هفتي بعد چئي رهيا آهيو ته ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، 10 ڏينهن کان ڇا ڪري رهيا هئا؟.