سنڌ ڪابينا، ڪتن جِي وئڪسينيشن لاءِ 24 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڇڏي

0
389

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪُتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا روڪڻ واري پروگرام لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بلديات کاتي کي 24 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي منظوري، ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ريبيز ڪنٽرول پروگرام تحت رولو ڪتا پڪڙي وٽرنري اسپتال منتقل ڪيا ويندا، جتي ڪتن کي وئڪسين لڳائي ويندي، ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن صلاحڪارن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ زراعت کاتي طرفان ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت ڀاڻ، ڪپهه ٻج ۽ وائٽ فلاءِ سبسڊي ڏيڻ چاهي ٿي، ڀاڻ تي وفاق 75 سيڪڙو ۽ سنڌ کي 25 سيڪڙو پوندو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ڀاڻ تي 1500 روپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏني ويندي، سبسڊي ڪل 70 سيڪڙو ايريا جي لاءِ ڏني ويندي، جڏهن ته ڪپهه جي ٻج تي 12 روپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏني ويندي يا 66 سيڪڙو ايريا تي وائٽ فلاءِ جي لاءِ 1200 روپيا في ايڪڙ تي سبسڊي ڏني ويندي، صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ 1.5 ملين ايڪڙ تي ڪپهه ۽ 2 ملين ايڪڙ تي چانورجو فصل ٿيندو آهي، زراعت کاتي جي بريفنگ بعد ڪابينا وفاق کي اسڪيم ۾ ڀائيواري جي منظوري ڏئي ڇڏي، ترجمان موجب اسڪيم جي نگراني ڪرڻ لاءِ اسماعيل راهو، مخدوم محبوب، تيمور ٽالپر، فنانس ۽ زراعت کاتي جي سيڪريٽري تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت هن اسڪيم جي پاڻ نگراني به ڪندي. ترجمان موجب سنڌ ڪابينا ٽائون آفيسرز کي پوسٽ گريڊ بي ايس 11 کان بي ايس 16 ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 184 ٽائون آفيسرز 2010 ۾ گريڊ بي ايس 11 ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا، ترجمان موجب سنڌ ڪابينا سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڊويزنل سطح تي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا سنڌ هاءِ ڊينسٽي ڊيولپمينٽ بورڊ ايڪٽ 2020 ۾ ڪجهه ترميمن جي به منظوري ڏني ۽ هن ايڪٽ کي اسيمبلي موڪلڻ جي به منظوري ڏني وئي.