ڪورونا جي نئين ڪاھه ۽ وسوسن ۾ ورتل دنيا

0
667

دنيا ڪورونا جي نئين لهر سان منهن ڏئي رهي آهي . هن وقت تائين 15 ڪروڙ ماڻهو ڪورونا مان متاثر ٿي چڪا آهن جن مان ساڍا 12 ڪروڙ صحتياب ۽ 30 لک اجل جو شڪار ٿيا آهن. سڀ کان گهڻو چار ملڪ آميريڪا، انڊيا، برازيل ۽ ميڪسيڪو متاثر ٿيا آهن جيڪي وڏين آبادين وارا ملڪ آهن جتي مجموعي طور 7 ڪروڙ متاثرن مان 13 لکن کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا آهن.اٽلي، برطانيا، فرانس ۽ روس اهي ٻيا ملڪ آهن جتي هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن پر هن وقت سڀ کان خراب حالت انڊيا جي آهي جتي ڪالھه ڇنڇر ڏينهن رڪارڊ 346,000 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جيڪو دنيا جو نئون رڪارڊ آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ اڍائي هزارن کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن. مهاراشٽرا، يو پي، ڪيرالا، ڪرناٽڪا ۽ دلهي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل رياستن ۾ شامل آهن. دلهي ۾ هڪ هفتي جو لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. انڊيا آبادي جي حساب سان چين کان پوءِ دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي ۽ اتي ڪورونا متاثرين جو تعداد به آميريڪا بعد ٻئي نمبر تي آهي جتي پوڻا ٻه ڪروڙ مريض ظاهر ٿيا آهن ۽ هن وقت تائين 1 لک 90 هزار ماڻهو مري چڪا آهن ۽ مردي خانن ٻاهران لاشن کي ساڙ ڻ لاءِ عارضي شمشان گهر pyres ٺاهيا ويا آهن. رش سبب فرش ۽ هڪ بيڊ تي ٻه ٻه مريض علاج هيٺ آهن ۽ دلهي ممبئي جي ڪجھه اسپتالن ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب مريض مري رهيا آهن. انڊيا جي سابق سياستدان ڀرت راڄ دلهي جي اسپتال مان جتي هو ڪورونا سبب داخل آهي ٽئٽر ڪري چيو آهي ته سندس اسپتال ۾ فقط ٽن ڪلاڪن جي آڪسيجن بچي آهي. دهلي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڪالھه آڪسيجن شام 7 بجاءِ رات 12 بجي پهچڻ سبب ڪورونا جا 20 سيريس مريض مري ويا. سرڪار فوجي پهري ۾ آڪسيجن جا ٽينڪر فيڪٽرين مان سڌو اسپتال پهچائي رهي آهي ۽ ان مقصد لاءِ ڊائريڪٽ بنا اسٽاپ ريل گاڏين سان گڏوگڏ C130 فوجي جهاز به اڏايا پياوڃن. دهلي جي هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته آڪسيجن جي رسد کي روڪيندڙن کي نه ڇڏيو ويندو. مبصر تنقيد ڪري رهيا آهن ته ايٽمي طاقت وٽ پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان مقابلي لاءِ هر قسم جا موتمار ميزائيل ۽ هٿيار ته موجود آهن پر پنهنجي ملڪ جي مريضن کي بچائڻ لاءِ آڪسيجن ، ويڪسين ۽ اسپتالن ۾ بسترا نه آهن جهنڪري سندن ملڪ ۾ جنگي صورتحال آهي ۽ ڪنهن به ملڪ سان جنگ کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا جي جنگ ۾ جان جي بازي هارائي ويا آهن. ان ڳنڀير صورتحال جي ڳنڀيرتا انڪري اڃان وڌي وئي آهي جو انڊيا جو صحت جو وزير ڊاڪٽر هرش راڌن چوي ٿو ته ڳئون ماتا جي پيشاب سان ڪورونا جو علاج ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وزير اڳي اها به دعويٰ ڪئي هئي ته مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ مرڻ مهل چيو هو ته ويدن ۾ آئن اسٽائن جي نظرئي کان وڌيڪ اتم نظريا موجود آهن.
14 اپريل تي انڊيا جا سک ۽ هندو نئون سال ملهائي رهيا هئا، مسلمان پهرين روزي جي افطاري جا طعام تري مهمانن جي خاطر تواضح ۾ رڌل هئا ۽ هريدوار شهر ۾ گنگا ڪناري لکين ماڻهوڪنڀ ميلو ملهائي رهيا هئا تنهن ڏينهن ڪورونا جو وائرس به خوشي وچان ٽپ ڏئي رهيو جو کيس وڌڻ جو مفت ۾ موقعو ملي رهيو هو . هونئن ته ڪنڀ جي ميلي جو وارو چئن ماڳن مان ڪنهن هڪ ماڳ تي هر 12 هين سال ايندو آهي جيڪو جشن ٽي مهينا واري واري سان هر ٽن سالن بعد چئن ماڳن الهه آباد، نشڪ، اوجين ۽ هرديوار ۾ مختلف دريائن جن۾ گنگا، جمنا ۽ ٻيا درياءَ شامل آهن جي ڪنارن تي ملهايو ويندو آهي پر هن سال ڪورونا سبب انکي ٽن مهينن بجاءِ فقط اپريل مهيني تائين محدود ڪيو ويو آهي. ان ميلي ۾ ثقافت، تعليم، هنر، موسيقي، ڊانس، کاڌن جا پروگرام رکيا ويندا آهن پر مک رسم تحت ماڻهو پنهنجي گناهن کي ڌوئڻ لاءِ گنگا ۾ ٽپا ڏيندا آهن جنهنجي شروعات 13 لنگوٽي پاتل ساڌوڪندا آهن ۽ بعد ۾ مٿو ڪوڙائي مندر روانا ٿي ويندا آهن. ڪنڀ جو مطلب گهگهي آهي ۽ روايتن موجب جڏهن گناهن جي گهگهي گناهن سان ڀرجي ٽمٽار ٿي وهڻ شروع ڪندي آهي تڏهن درياءَ ۾ ٽٻي هڻي گناهن کي ڌوتو ويندو آهي ۽ ايئن نئين صاف زندگي شروع ٿي ويندي آهي. کنڀ جو مطلب ڌوپ به آهي ۽ ننڍائپ ۾ جڏهن گهر ۾ ڪپڙن ڌوئڻ جو ڏينهن هوندو هو تنهن ڏينهن کي کنڀ چاڙهڻ جو ڏينهن به چوندا هئا. ان ميلي ۾ هن سال ٽيھه لکن کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا جنهن سبب ڪورونا تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي.
انڊيا جي ڪورونا صورتحال نه رڳو انڊيا پر سندس پاڙيسري ملڪن ۽ پوري دنيا لاءِ انڪري به ڳڻتي جوڳي آهي جو جي وائرس کي ڦهلجڻ کان روڪيو نه ويو ته هو ميوٽيٽ ٿي ايترا ته ٻهروپ ڪندو جو انجو علاج مشڪل بڻجي ويندو. اهڙو ئي خطرناڪ قسم جيڪو انڊيا ۾ لڌو آهي انکي double mutate چون ٿا ۽ هاڻي اهو ٻين ملڪن ۾ به پهچي چڪو آهي ۽ سائنسدان اڃان انجي نقصانن بابت ڪٿ ڪرڻ ۾ ئي پورا آهن ته اهو تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. انڊيا جي وبا مان ٻيو خطرو انڪري به آهي ته وڌندڙ وبا سبب ٿيندڙ لاڪڊائون ڪري دنيا کي انڊيا مان ملندڙ ڪورونا ويڪسين جي پئداوار ۽ رسد ۾ خلل پئجي رهيو آهي. گذريل ٽن مهينن ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ ويڪسين جا وزن انڊيا مان ڏيساور موڪليا ويا هئا جيڪي اپريل جي پهرين ٻن هفتن ۾ گهٽجي فقط 12 لکن تي پهتا. يورپين يونين ۽ برطانيا سان ٿيل ويڪسين بابت معاهدن تي عمل بيهجي ويو آهي ۽ آفريڪا جا ملڪ به انڊيا مان ويڪسين نه ملڻ سبب متاثر ٿي رهيا آهن. گذريل سال پهرين لهر ۾ انڊيا ۾ گهٽ نقصان ٿيو هو جنهنجو سبب اڃان تائين سمجھه ۾ نه آيو آهي. ان لهر دوران وزيراعظم مودي تڙ تڪڙ ۾ لاڪڊائون جو اعلان ته ڪيو پر منصوبا بندي نه هئڻ سبب ڀاڄ ۽ بيروزگاري سبب ڪافي ماڻهو متاثر ٿيا ۽ هن ٻٽاڪ هنئي هئي ته جنوري ۾ وبا مڪمل طور ختم ٿي ويندي پر هيءَ لهر انکان وڏي ۽ خطرناڪ آهي. انڊيا جي ان روئي جو هڪ سبب سياسي ڄاڻايو پيو وڃي ڇوته مودي هن وقت طاقتور ترين وزيراعظم آهي جنهنجي پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي جي ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت آهي ۽ هو رياستن ۾ مخالفن جي سرڪارن کي هلڻ نٿو ڏئي انڪري ممبئي ۾ مارچ ۾ جڏهن ڪورونا جا نوان ڪيس نمودار ٿيا تڏهن مهاراشٽرا رياستي سرڪار جي مدد بجاءِ هن مٿن الزامن جي بوڇاڙ شروع ڪري ڏني جيئن انکي ختم ڪري سگهجي. مودي اولھه بنگال ۾ به ايئن ئي ڪيو جتي چونڊن ۾ هزارين ماڻهن جا بنا ماسڪ جي جلسا جلوس ڪڍيا ويا پر بعد ۾جلسن جلوسن تي مڪمل پابندي هنئي وئي. پر خاص ڳالھه اها آهي ته هن وقت تائين 10 سيڪڙو ماڻهن کي ويڪسين لڳي چڪي آهي ۽ 40 ڪروڙ ڊالر ويڪسين ٺاهيندڙ اداري سيرم انسٽي ٽيوٽ کي بجيٽ ڏني وئي آهي.
پاڪستان جي صورتحال به ڳنڀير آهي جتي 8 لک ماڻهو پڪا متاثر ٿي چڪا آهن جن مان 17 هزار موت جو کاڄ بنجي چڪا آهن. رڳو ڪالھه 157 ماڻهو جن مان 135 پنجاب ۽ ڪي پي ۾ هئا مري چڪا آهن جيڪو هن وقت تائين وڏي ۾ وڏو انگ آهي. پراصل انگ انکان گهڻو وڌيڪ هئڻ جو انديشو آهي ڇو ته گهڻا ماڻهو بخار، سور، زڪام جي صورت ۾ ٽيسٽون نٿا ڪرائين. هن وقت پاڪستان ۾ ٽيسٽن جي شرح في لک آبادي تي پنج هزار آهي جڏهن ته انڊيا ۾ اها شرح چئوڻ تي آهي.
مردان ۾ مثبت ڪيسن جو انگ 51 سيڪڙو ٿي پهچي چڪو آهي ۽ ڪي پي ۾ به انڊيا وانگر آڪسيجن جي کوٽ ٿي رهي آهي ڇوته اتي آڪسيجن ٺاهڻ جو ڪو ڪارخانو ناهي ۽ پنجاب ۽ سنڌ مان سندن اسپتالن کي آڪسيجن فراهم ڪئي پئي وڃي. ملڪ ۾ ويڪسين هڻائڻ لاءِ به ماڻهن ۾ نه فقط گهڻي اڻ تڻ ناهي پر هوڪيترن ئي وهمن جو به شڪار آهن ۽ وائرس جو علاج پپيتي جي پنن سان ڪرڻ جي آسري ۾ آهن. انڪري هتي اڌ سيڪڙو آبادي کي ويڪسين لڳي آهي. حيرت انگيز طور پڙهيل ماڻهو به انهن وهمن جو نه فقط پوئتي پيل ملڪن پر آميريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ جي نج اڇي چمڙي وارن پڙهيل ڳڙهيل امير نسلن ۾ به شڪار آهن. جتي اٽڪل 30 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن جنکي ويڪسين جي سهوليت هوندي به هڻائڻ جي حق ۾ نه آهن. هانگ ڪنگ وارا تازن چيني قدمن سبب چيني ويڪسين هڻائڻ جي حق ۾ نه آهن ۽ Sinovac بابت طرحين طرحين افواھه ڦهلائي رهيا آهن .برازيل ۾ چيو پيو وڃي ته ان ويڪسين جو اثر 50.7 سيڪڙو آهي خود چيني وبائي مرضن جي اداري جي سربراھه گائو ڦو جي بيان سان شروع ۾ انگريزي جي غلط ترجمي سبب اهو تاثر مليو ته مختلف ويڪسينن کي اثر وڌائڻ لاءِ پاڻ ۾ ملائڻو پوندو پر بعد ۾ انجي ترديد ڪئي وئي. يورپ ۽ آميريڪا ۾جيڪي ويڪسين ڪجھه انديشن سبب بند ڪيون ويون هيون سي ٻيهر محفوظ ڄاڻائي بحال ڪيون ويون آهن.
ڪورونا جي تازي لهر ملڪ جي معيشت، سياست تعليم، صحت ۽ دفاع تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿي انڪري انجي مقابلي لاءِ متحد ٿي گڏيل حڪمت عملي ٺاهي انتي عدم مرڪزيت ۽ ڊيوليوشن وسيلي شفاف نموني عمل ڪرايو وڃي . هن وقت تائين مرڪزي سرڪار ڪورونا بابت ڪنفيوز رهي آهي۽ قيادت ڪرڻ بجاءِ صوبائي خاص طور سنڌ سرڪار سان اٽڪاءَ جو شڪار رهي آهي. وقت اچي ويو آهي ته ٻيهر عوام کي باخبر رکيووڃي ته ڪورونا موتمار بيماري آهي جيڪا هر عمر واري کي متاثرڪري سگهي ٿي ۽ انجو بچاءَ پپيتن جي پنن ۾ ناهي. انجو علاج ويڪسين هڻائڻ، ماسڪ پائڻ، هجوم ۾نه وڃڻ ۽ ٻين ماڻهن کان مفاصلو رکڻ ۾ آهي. ايئن هن وقت تي سماج کي ڪنهن وڏي نقصان کان بچائي سگهجي ٿو. هيءَ صورتحال سادي ناهي ۽ انکي ڳنڀير صورتحال سمجهي ان جي ڳنڀيرتا مطابق ان سان منهن ڏنو وڃي.