ڪنڌڪوٽ ڌرڻو ۽ پوليس جو ڊراڪولائي روپ

0
223
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

سنڌ جي عوام جي اجتماعي شعور کان خائف ۽ خوفزده قوتن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيل مقامي پراڊڪٽ (ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيا” يعني سردار) ۽ انهن جي “مجرم سپاهه” (ڌاڙيل) ڪئين ڏهاڪن کان سنڌ جي امن امان کي يرغمال بڻائي رکيو آهي. هڪ ته سياسي ساڃهه ۽ شعور رکندڙ ماڻهو اڻ ڏٺل عقابن هٿان جهٽجي وڃن ٿا ته ٻئي پاسي سڄي سماج کي يرغمال بڻائي رکندڙ قوتن اغوا انڊسٽري جي ذريعي ماڻهن جو ساهه سُڪائي انهن تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي ڇڏي آهي. روز ٿا ماڻهو اغوا ٿين، انهن تي ڌاڙيل تشدد ڪري ان جون وڊيوز وائرل ڪن ٿا پر سماعت ۽ بصارت کان محروم پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نظر نٿا اچن، جنهنڪري انهن ڏوهارين جي رياستي پٺڀرائي جو تاثر ويساهه جي حد تائين سگهارو ٿي ويو آهي. لڳاتار دانهن ڪوڪن ۽ هلڪن احتجاجن جو جڏهن منتظمين تي اثر نه پيو ته نيٺ مغوين جي وارثن، سول سوسائٽي ۽ سياسي ڌرين ڪشمور وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن جي دٻاءُ تي پوليس ٽن مغوين کي آزاد ڪرايو ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ مهلت ورتي. ان بعد ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌرڻو لڳو، جنهن تي پوليس ڊراڪولائي روپ ۾ ظاهر ٿي بدترين تشدد ڪيو ۽ پنهنجن خنجر بردار ماڻهن کان به حملو ڪرائي احتجاج ڪندڙن کي رتورت ڪري ڇڏيو. ڌرڻي بعد ٻن مغوين کي ڇڏيو ويو. هن وقت پوليس تشدد ۽ پُر امن احتجاج جي قانوني حق جي رستا روڪ ٿيڻ تي ماڻهن ۾ شديد ڪاوڙ ڏٺي وڃي ٿي ۽ سنڌ جي 40 کان مٿي شهرن ۾ ڌرڻا لڳايا ويا آهن.

رياست جي ناڪامي جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو ته اها عوام جي تحفظ واري آئيني ذميواري پوري نه ڪري سگهي آهي. ماڻهو ڀُنگ خاطر اغوا ڪيا پيا وڃن، جن کي قانون جو ڏڍ، اوٽ اجهو حاصل نه آهي. نيٺ ماڻهو جڏهن مجبور ٿي پُر امن احتجاج جو قانوني حق استعمال ڪن ٿا ته انهن تي بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو، انهن کي ڌمڪايو وڃي ٿو ۽ اگرن نتيجن جو خوف ڏنو وڃي ٿو، پوليس گردي ڪئي وڃي ٿي، جيڪو عمل ماڻهن ۾ وڌيڪ اشتعال ۽ ڪاوڙ جو سبب بڻجي ٿو. پوليس انتظاميا ڇا اهو ٻڌائڻ جي عنايت ڪندي ته جن ماڻهن پوليس جي سرپرستي ۾ پوليس سان گڏجي احتجاج ڪندڙن تي ڇرين ۽ خنجرن سان حملو ڪيو، اهي ڪير هئا، جيڪي پوليس سان گڏجي احتجاج ڪندڙن تي حملا ڪري انهن کي زخمي ڪندا رهيا؟ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۽ تصويرون ان جو ناقابلِ ترديد ثبوت آهن. حد ته اها آهي جو ان پوليس گرديءَ جو نوٽيس نه سنڌ جي نگران گهرو وزارت ورتو آهي ۽ نه ئي اعليٰ پوليس اختيارين ان معاملي تي لب ڪشائي ڪئي آهي! پوليس سان گڏجي احتجاج ڪندڙن تي حملو ڪندڙ اهي خنجر بردار ڪير هئا؟ جيڪڏهن سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار هئا ته انهن خلاف ڪهڙو قدم کنيو ويو آهي؟ جيڪڏهن اهي خانگي ماڻهو هئا ته اهي پوليس جي ساٿ ۽ سهڪار لاءِ ڪيئن پهتا ۽ انهن کي ڪنهن موڪليو؟

جڏهن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ عوام ڌرڻا هڻي ٿو ته پوليس هر ڀيري ٻن ٽن مغوين کي بازياب ڪرايو اچي. ڪشمور واري ڌرڻي جي نتيجي ۾ به ايئن ٿيو ته وري ڪنڌڪوٽ جي ڌرڻي جي نتيجي ۾ به ٻه مغوي آزاد ڪيا ويا. پوليس اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي ته مغوي انهن کي ڪٿان ٿا ملن؟ اهي بنا ڀُنگ جي آزاد ٿين ٿا يا پردي پٺيان پوليس ڪا ڊيل ڪرائي ٿي ۽ پوليس انهن کي يڪدم بازياب ڪرائي ڌرڻي ۾ پهچائي ٿي. اهي سوال به اٿندا رهيا آهن ته اهي ڪنهن سردار جي بنگلي تان آندا وڃن ٿا يا پوليس جي ڪنهن “خفيه سيل” ۾ يرغمال رکيا وڃن ٿا؟ اسان اها گهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته، ڪنڌڪوٽ واري پُر امن ڌرڻي تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن ۽ خنجر بردار خانگي ماڻهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. پريا ڪماري، ساگر ڪمار، نازيه کوسو سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. پوليس کان به اها وضاحت وٺڻ جي ضرورت آهي ته عوامي دٻاءَ کان پوءِ يرغمالي ڪٿان آندا ٿا وڃن؟