نوشهروفيروز/ڪنڊيارو (نمائندن وٽان) ڪنڊيارو ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران ضلعي نوشهروفيروز جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي حمزهه علي چانڊيو، سهيل احمد، نويد گهانگهرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضلعي نوشهروفيروز جي برسات متاثرن جي هن مهل تائين واهر ناهي ڪئي وئي، متاثر بي يارو مدد گار بڻيل آهن، برسات متاثرن جو سامان حد جي چونڊيل نمائندن جي بنگلن تي پيل آهي، جيڪو هو من پسند ماڻهن ۾ ورهائي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي نوشهروفيروز جي برسات متاثرن جي واهر ڪئي وڃي، هوڏانهن يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو ۽ آگاھي اسٽڊي سرڪل جي ماهنور شيخ نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب برسات متاثر عذاب ڀري زندگي گھارڻ تي مجبور آھن، ھنن چيو ته نوشھروفيروز ۽ ڪنڊيارو جون لائبريريون تباھي ڪنڌي تي آھن، اتي ڪا به بنيادي سھولت ميسر ناھي، شاگردن کي پڙھڻ لاءِ ڪتاب ناھن، هنن مطالبو ڪيو ته برسات متاثرن جي سار لڌي وڃي.