ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ مبينا اجتماعي ڏاڍائي بعد فوت ٿيل نينگري جي خون سان انصاف لاءِ وارثن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي ريلي  ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد شهر جي مک اسٽار چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ظفر کوسو، سرمد آزاد، نينگري جي امڙ حضوران والد صابر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته معصوم نينگري سان اجتماعي ڏاڍائي ٿي آهي، پوليس رشوت عيوض هڪ جوابدار علي قريشي کي گرفتار نه پئي ڪري، هنن چيو ته پوليس جي اهڙي عمل تي خاموش نه ويهنداسين، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز معاملي جو نوٽيس وٺي نينگري جي خون اسان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾  سخت احتجاج ڪيو ويندو.