ڪنري (رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ڀرسان زمين جي مالڪي تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، ڳوٺ مراد علي چانڊيو واسي ھڪ ڌر پاران زميندار صالح چانڊيو جي فرياد تي ٻي ڌر جي 7 ڄڻن جاويد چانڊيو، دلاور چانڊيو، خان محمد چانڊيو، ثناالله چانڊيو، الھبچايو چانڊيو، ٽريڪٽر ڊرائيور ڪريم ڏنو ڪپري ۽ جاويد مير دوست چانڊيو خلاف فصل کڻڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته نامزد جوابدارن سندس ٻنيءَ مان پوکيل فصل توريو پٽرائي کڻائي ويا ۽ نقصان ڪيو آھي، پوليس ڪيس ۾ نامزد 5 ڄڻن خان محمد چانڊيو، جاويد، ثناالله، الھبچايو چانڊيو ۽ ڪريم ڏنو ڪپري کي گرفتار ڪري رمانڊ لاءِ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. عدالت پوليس جي رمانڊ واري استدعا رد ڪندي 5 ئي جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي سب جيل عمرڪوٽ اماڻي ڇڏيو، پوليس پاران ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي تعلقي نائب ناظم گل زمان چانڊيو جي ڀاءُ جاويد سلطان چانڊيو جي گرفتاري ظاھر نه ڪئي ۽ کيس نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، سندس سئوٽ خان محمد چانڊيو پاران وڪيل يونس چانڊيو معرفت جاويد سلطان کي گم ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي اسان 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو، 5 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪئي، ٿاڻي تي آڻڻ بعد ايس ايچ او عاطف شاھ منهنجي سئوٽ جاويد سلطان کي منهن تي ڪپڙو ڏئي نامعلوم هنڌ کڻي ويو. ظاهر نه پيو ڪيو وڃي. کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي هاف فرائي يا فل فرائي ڪيو ويندو، کيس ظاهر ڪيو وڃي، سول ڪورٽ ڪنري درخواست تي ايس ايچ او کان رپورٽ طلب ڪئي وئي، جوابدار ڌر موقف اختيار ڪيو ته ٻني اوقاف کاتي جي آھي، اسان کيڙي آھي سامھون ڌر به اسان جي پارٽنر آھن پر سياسي انتقام طور ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.