ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ويجھو ٻسٽان ۾ ٺھندڙ مني اسپورٽس ڪامپليڪس جو تعميراتي ڪم 9 ڪروڙ جي لاڳت ۽ 16 سال گذرڻ باوجود رولڙي جو شڪار آھي، ڪامپليڪس جو لکين رپين جو سامان چوري ٿي ويو ۽ ٺھيل عمارت کنڊرات بڻجي وئي، اسپورٽس ڪامپليڪس جي سرپروائيز محمد صديق جٽ جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته اسپورٽس ڪامپليڪس جي ميگا پروجيڪٽ جو تعميراتي ڪم بند پيل آھي جنھن سبب رکيل چوڪيدار نوڪري ڇڏي ويو آھي، چوڪيدار نه هجڻ ڪري اسپورٽس ڪامپليڪس جو لکين رپين جو سريو، سرون، دريون ۽ دروازا، پائپ ۽ تعميراتي سامان نامعلوم چور چوري ڪري ويا آھن، ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته ڪيس داخل ڪيو آھي، جاچ ڪريون پيا، ٻئي پاسي رولڙي جو شڪار ميگا پروجيڪٽ تي هتان جي رانديگرن ۾ مايوسي جي لھر ڇانيل آھي، رانديگرن موجب، 9ڪروڙ رپيا لڳي ويا آھن پر ان باوجود ڪم 60 سيڪڙو تائين ٿيو آھي ۽ ڪم بند پيل آھي، سامان چوري ٿيڻ جو نئون ڊرامو رچايو آھي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي.