گاجي کهاوڙ (رپورٽ: مدثر کهاوڙ) ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور لغاري ۽ ڊي سي قمبر سليم الله اوڍو ٻوڏ جي پاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ گاجي کهاوڙ پهتا.جتي سندن آڏو آبادگارن پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون. ان موقعي آبادگارن صدرالدين کهاوڙ گلزار بروهي زاهد لاشاري الياس بروهي ۽ ٻين چيو ته اڍائي مهينا ٿي ويا آھن پر پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، ڪڻڪ جو فصل به نٿا پوکي سگهون.ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪمشنر گهنور لغاري چيو ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان گاجي کهاوڙ آيا آهيون پمپنگ اسٽيشن زيرو پوائنٽ جو جائزو وٺون پيا جلد جتان پاڻي نڪال ٿئي پيو جڏهن ته اسان مڪمل طور تي 24 موٽر بحال ڪرائي سڀني زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائينداسين ته جيئن ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي جلد ٿيئي ۽ آبادگارن هاري پريشان نه ٿين انهن کي جلد ٻج يا ڪيش جي مد ۾ في ايڪڙ جي حساب سان رليف ڏنو ويندو. باقي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي بحالي لاءِ تعلقي ۽ يوسي سطع تي اسان جو ٽيمون لٿل آهن جيڪي سروي ڪن پيون جيڪي ٻوڏ ۽ برسات ۾ گهر ڊهي پيا ها ڪنهن به ٻوڏ متاثر جو گهر سروي کان نه رهايو ويندو. جڏهن ته ڊي سي قمبر سيلم الله اوڍي چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي هاڻي به ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪيون پيا ڪنهن به آفيسر کي ڪوتائي ڪرڻ نه ڏينداسين آبادگارن، هارين سميت ٻوڏ متاثرن کي ترت رليف ڏنو ويندو.