ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

0
69
ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم
ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

اليڪشن ڪميشن پاران ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته قائم ڪيل ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ اليڪشن ڪميشن حوالي ڪندي

چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ۾ ميمبرز جي آن لائين شرڪت، اجلاس ۾ ڪمشنر پنڊي جي الزامن جو جائزو ورتو ويو

 اي سي پي ترجمان چيو آهي ته ڪميٽي ۾ سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل ڊي جي قانون شامل هوندا، ڪميٽي آر اوز ۽ ڊي آر اوز جا بيان رڪارڊ ڪري رپورٽ پيش ڪندي، رپورٽ جي روشني ۾ ڪمشنر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن سوڌو ٻي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو

 اُن کان اڳ اي سي پي ترجمان ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته ڪميشن جَي ڪنهن به عهديدار نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر راولپنڊي سان رابطو نه ڪيو هو

ڪمشنر جو چونڊ عمل سان سڌي ريت ڪوبه واسطو ناهي، ڪمشنر ڊي آر او يا پرزائيڊنگ آفيسر نه هوندو آهي

هي به پڙهندا

ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن تي چيف جسٽس آف پاڪستان جو موقف سامهون اچي ويو