ڪشمور ويجهو روڊ حادثو، مريض سوڌو 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

0
181
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

ڪشمور(ن پ ا) ڪشمور ويجهو مانگھر ڦاٽڪ وٽ نيشنل ھاءِ وي روڊ تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ رسالدار واسي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
فوتين ۾ ولي محمد گشڪوري، ذاڪر گشڪوري ۽ زخمي طالب حسين گشڪوري شامل آهي، جيڪي مريض کي علاج ڪرائڻ بعد ڪشمور کان رسالدار طرف وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.
ڪشمور پوليس فوتين ۽ زخمي کي تعلقه سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا، جڏهن ته زخمي طالب حسين جو علاج ھلندڙ آهي. ٻڌايو پيو وڃي تھ مريض ولي محمد فوتين ۾ شامل آھي.