ڪرپشن ريفرنس: اڳوڻي ايم ڊي روشن ڪناسرو ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

0
142
ڪرپشن ريفرنس: اڳوڻي ايم ڊي

ڪراچي: سياحت ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪروڙين رُپين جي مبينا ڪرپشن ريفرنس ۾ گرفتار اڳوڻي ايم ڊي روشن ڪناسرو ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آھي

 ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران روشن ڪناسرو پيش ٿيو، سندس وڪيل پيش نه ٿي سگهيو، عدالت جو وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، نيب پراسيڪيوٽر کان پهرين مارچ تي جواب طلب ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آھي