ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ويجهو ڳڙھي تيغو بند تان اغوا ٿيل ڪرمپور واسي ٻه پورهيت ڀائر بازياب نه ٿيا، ڌاڙيلن جو مغوين تي وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، 3 ڪلاڪ روڊ بند. خبر موجب ڳڙھي تيغو بند تان اغوا ٿيل پورهيت ڀائر مانجهي شيخ ۽ عبدالحئي شيخ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، ٻئي طرف ڌاڙيلن ٻنهي مغوين تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڌاڙيل چون پيا ته شڪارپور پوليس سندن گهرن ساڙڻ بعد مينهون ڪاهي وئي آهي، جيستائين مينهون واپس ڏنيون وينديون تيستائين اوهان کي نه ڇڏيو ويندو، جڏهن ته سخت تشدد سبب مغوي ڀائر دانهون ڪري رهيا آهن، وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڌاڙيل ڏاڏو تيغاڻي جو چوڻ هو ته مٿن قبيلائي جهيڙن جا ڪيس آهن، جڏهن ته هو ڌاڙيل ناهن، صوبيدار قادر چانڊيو ڌاڙيلن جو يار آهي، سندس چوڻ تي پوليس اسان جا گهر ساڙي چوپايو مال ڪاهي وئي آهي، مجبور ٿي توهان کي اغوا ڪيو آهي، مال واپس ڏنو وڃي. هوڏانهن مغوين تي تشدد واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد وارثن سندن بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي راحب شيخ، پهلوان شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻئي ڀائر ڪچي مان ڪاٺيون ميڙڻ ويا هئا، هنن چيو ته ٻه ڏينهن گذري چڪا آهن پر ناپرڪوٽ پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪجھه ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، احتجاج دوران ايس ايڇ او ناپرڪوٽ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.