ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪراچي واري قومي تڪ اين اي 49 تي ٻيهر ڳڻپ دوران پيپلز پارٽي جي اميدوار ڪاميابي ماڻي، هن چيو ته مخالف اميدوار ٻيهر ڳڻپ ۾ به پنهنجي شڪست ڏسي ڀڄي ويا، هن چيو ته اين اي 249 جي عوام چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي ووٽ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ بنا ڪنهن فرق جي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. اسان تڪ جي عوام جا پاڻي سميت بنيادي مسئلا حل ڪنداسين.