ڪراچي ۾ نينگر جي آپگهات وارو مامرو، جاچ ڪميٽي قائم

0
239

ڪراچي: ڪراچي جي اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ نينگر جي آپگهات معاملي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺندي گڏيل جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن قائمخاني ڪالوني ۾ گهر مان 15 ورهين جي اويس جو ڦاهو لڳل لاش مليو هو، اطلاع تي پوليس پهچي مڙهه اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري واقعي جو نوٽيس وٺندي گڏيل جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.جاچ ڪميٽي ايس پي بلديا ڊويزن ڪيپٽن رٽائرڊ فيضان علي جي سربراهي ۾ جاچ ڪري حقيقتون سامهون آڻيندي. وارثن جو چوڻ آهي ته اويس 8 کان 9 ڪلاس ۾پروموٽ نه ڪرڻ سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.