ڪراچي ۾ مزدورن جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 30 پورھيت زخمي

0
346

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ مزدورن جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڏنڊا لڳڻ ڪري 30 پورھيت زخمي ٿي پيا، جنهن بعد فيڪٽري ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿي وئي، سارنگ جويو جو چوڻ آهي ته ٻن مزدورن جي جھيڙي بعد گلشن لطيف ۽ بلال ڪالوني ۾ حملا ڪيا ويا، حملن ۾ 30 پورھيت زخمي ٿي پيا، حملي آور ڌر جو تعلق ھڪ سياسي تنظيم سان آھي، زخمي ٿيل سمورا پورھيت سنڌي ڪميونٽي سان تعلق رکن ٿا.