ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رات جي وقت به لوڊشيڊنگ جو آزار، شهري آڌي رات جو رستن تي نڪري آيا، چڪريون، اهلڪار جي وردي ڦاٽي پئي، لٺبازي، شيلنگ، هوائي فائرنگ، ان ڏ س ۾ نشتر  روڊ ۽ آسپاس جي علائقن جي رهواسين روڊ تي نڪري ڌرڻو هنيو ويو، هنن  ڪي اليڪٽرڪ خلاف نعريبازي ڪئي،  پوليس موجب پوليس جي پهچڻ تي مڇريل مظاهرين پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب پوليس جي گاڏين کي نقصان پهتو، هڪ اهلڪار جي وردي ڦاٽي پئي، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد مظاهرين ڇڙوڇڙ ٿي ويا. مظاهرين الزام هنيو ته اسان پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين، پوليس هروڀرو لاٺي چارج، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، شيل گهرن ۾ ڪري پيا، جنهن سبب ٻارن جي حالت  خراب ٿي