ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ڪالهه به قهر جي گرمي کانپوءِ شام جو تيز هوا ۽ مٽي جي طوفان سان برسات پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، مختلف حادثن ۾ نينگر سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ موسميات کاتي مطابق ڪالهه ڪراچي ۾ گرمي پد 41 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، شام جو ساڍي چئين وڳي ڌاري تيز هوا سان گڏ مٽي جو طوفان آيو، جنهن سبب حيدرآباد ۽ ڪراچي واري موٽروي سميت احسن آباد، گلشن معمار، ملير، لانڍي، نارٿ ڪراچي، سرجاني ٽائون، يوسف ڳوٺ، تيسر ٽائون، خدا جي بستي، ايف بي ايريا، گلشن اقبال، ناظم آباد، گلستان جوهر، جوهر ڪمپليڪس، يونيورسٽي روڊ، شاهراه فيصل، صدر، ڊفينس ۽ ڪفلٽن سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جون تارون، ٿنڀا ۽ وڻ ڪري پيا، جڏهن ته اورنگي ٽائون جي هزاره چوڪ وٽ لڳل ٽرانسفارمربجلي جي ٿنڀن سميت ڪري پيو، هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي فراهمي بند ڪئي وئي، برسات سبب شهر ۾ موسم خوشگوار ٿي ويو، هوڏانهن برسات دوران واقعن ۾ زال مڙس ۽ نينگر سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، 12 کان وڌيڪ زخمي، بلديه 12 نمبر واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي واقعي ۾ 40 ورهين جو ناصر پٽ عثمان فوت ٿي ويو، ساڳي علائقي جي ڊبا ڪالوني ۾ هڪ ٻئي گهر جي ڇت ڪرڻ جو واقعو پيش آيو، ريسڪيو عملدارن موجب واقعي ۾ زال مڙس فوت ٿيا فوتين جا. ٻئي پاسي شيرشاهه جي علائقي محمدي روڊ تي گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ نينگر فوت ٿيو، بنارس پل هيٺان ويٺل 28 ورهين جو فراز پٽ فضل طوفان سبب پل تان وزني شيءِ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، برسات سبب مختلف علائقن ۾ سائن بورڊ ۽ ڇپرا اڏامي روڊن تي ڪري پيا جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي. راشد منهاس روڊ تي شاپنگ مال آڏو لڳايل بل بورڊ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿيا، اورنگي ٽائون 13 نمبر واري علائقي ۾ گهر تي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون زخمي ٿيون، ڊينسو هال ويجهو عمارت جي بالڪوني ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿيو جڏهن ته هيٺ بيٺل گاڏين کي پڻ نقصان پهتو، ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ گذريل شام کان وقفي وقفي سان هلڪي برسات جاري رهي. آڳاٽي برسات سبب رهواسين جا چهرا ٻهڪي پيا، برسات دوران علائقي واسي خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿيندا رهيا. ٻئي طرف سامونڊي طوفان جي خدشي سبب ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪيو ويو آهي. ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن جي مختلف علائقن ۾ مٽيءَ جي تيز طوفان انساني زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، ڳوٺ ساڪريو، حيات هاليپوٽو، هيرار ميمڻ، سمون رند، ڪريمداد جو تڙ سميت مختلف ڳوٺن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو. طوفاني هوائن سبب سوين وڻ پاڙان پٽجي ويا. مواصلاتي نظام به درهم برهم ٿي ويو. واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زوردار برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته برسات سبب علائقي ۾ بجلي جو نظام ڌرم ڀرم ٿي ويو.