ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ لاءِ شاهين فورس فعال ڪئي آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

0
28
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ لاءِ شاهين فورس فعال ڪئي آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ لاءِ شاهين فورس فعال ڪئي آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ شاهين فورس کي فعال ڪري ڇڏيو، پوليس کي 168 گاڏيون ۽ 120موٽر سائيڪلز مهيا ڪيون ويون، امن امان بابت اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صدر آصف زرداري کي بريفنگ

وڏي وزير چيو ته مددگار ون فائيو جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ لاءِ پوليس اپاءَ ورتا آهن، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، سنڌ جي 40 ٽول پلازن لاءِ سنڌ سمارٽ سرويلينس سسٽم لڳايا ويا آهن

ڊي جي رينجرز سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي 48 ڪيسز ۾ 49 ماڻهو شهري وڃائي ويٺا، 43 ڏوهاري گرفتار ٿيا ۽ 13 ڏوهاري مقابلن ۾ مارجي ويا

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 4 مهينن دوران ڪچي ۾ 63 ڌاڙيل مارجي ويا، 418 ڌاڙيل گرفتار ڪيا ويا، 09 شهرين کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ۽ 103 مغوين کي بازياب ڪرايو، ڌاڙيلن وٽ 20 مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، ڪچي ۾ آپريشن دوران 17 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 27 زخمي ٿيا