ڪامريڊ مرڪ جان جي امڙ سيف جتوئي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

0
257
ڪامريڊ مرڪ جان جي امڙ سيف جتوئي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
ڪامريڊ مرڪ جان جي امڙ سيف جتوئي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

مانجهند: پراسرار موت جو نشانو بڻيل قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جي امڙ مرڪ جي موت جو ذميوار نوجوان سيف جتوئي کي قرار ڏئي ڇڏيو

مرڪ جي امڙ جو چوڻ آهي ته سيف جتوئي مرڪ سان وڙهندو هو ۽ کيس ذهني اذيتون ڏيندو هو

مانجهند ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرڪ جي امڙ چيو ته سيف جتوئي مرڪ کي قاسم آباد ۾ فليٽ وٺي ڏنو هو

مرڪ جي سيف جتوئي سان شادي نه ٿي هئي، شادي جي مطالبي تي سيف جتوئي مرڪ کي چوندو هو ته مان تو سان شادي نه ڪندس

 الزامن هيٺ آيل نوجوان سيف جتوئي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مرڪ ڏاڍي جذباتي ڇوڪري هئي، منهنجا ۽ منهنجي خاندان جا هن سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا هئا، واقعي واري ڏينهن هن سان فون تي نه ڳالهائي سگهيس ته هن ڪاوڙ ۾ اچي آپگهات ڪيو، مرڪ جي موت جو ذميوار نه آهيان، الزام ثابت ٿين ته مون کي سرعام سنگسار ڪيو وڃي

هن کي به پڙهندا

ڪامريڊ مرڪ جان جو واقعو ڳجهارت ڇو بڻيل آهي؟

حيدرآباد: عورت قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جو فليٽ مان لاش هٿ