ڪامريڊ مرڪ جان جو واقعو ڳجهارت ڇو بڻيل آهي؟

0
173

جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان آپگهات ڪيو يا کيس قتل ڪيو ويو؟

 مرڪ جان جو قاسم آباد جي فليٽ مان لاش هٿ اچڻ وارو معاملو اڃا ڳجهارت بڻيل آهي

 لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ايم ايل او شروعاتي رپورٽ پوليس سرجن حوالي ڪري ڇڏي

ذريعن موجب رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ نڙگهٽ دٻجڻ بعد ساهه جي نلڪي بند ٿيڻ ڄاڻايو ويو آهي

ذريعن موجب مرڪ جي ڳلي تي رڳو رئي جا نشان مليا آهن، نسيم نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او وحيد پنهور چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل مرڪ جان سان منسوب خط کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب مرڪ جان جي رهائش وارو فليٽ سيف جتوئي نالي شخص بوڪ ڪرايو هو، ذريعن موجب سيف جتوئي مرڪ کي پنهنجي گهر واري ڄاڻائي فليٽ جو ايگريمينٽ ڪيو هو

مرڪ جان جو مڙهه گذريل ڏينهن مانجهند جي شاهه اويس ڪرني قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

هي به پڙهندا

حيدرآباد: عورت قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جو فليٽ مان لاش هٿ